خادم حسين ابڙو

خادم حسين ابڙو

خادم حسين ابڙو

خادم حسين ابڙو: شاعر، اديب ۽ قانوندان، خادم حسين ولد الھورايو ابڙو، 10 فبروري 1938ع تي ڳيريلي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو. 1953ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيائين. 1956ع ۾ مئٽرڪ، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ پوءِ 1964ع ۾ بي. ڪام جي ڊگري ورتائين. 1953ع کان 1955ع تائين موري ۾ سنڌيءَ جو استاد ٿي رهيو. ان بعد چار سـال کن پي. ڊبـلـيـو. ڊي ايـريگيـشـن ۾ ڪلارڪ رهيو، 1961ع کان 1963ع تائين تعليمي بورد حيدرآباد ۾ ملازمت ڪيائين، ڪجهہ مهينا روزاني اخبار ’خادم وطن‘ ۾ اڪائونٽنٽ ٿي رهيو، ان کانپوءِ سال کن سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ پراجيڪٽ ۾ اڪائونٽ اسسٽنٽ ٿي ڪم ڪيائين. هن پنھنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالمؤمن کان هوميوپيٿي علاج جي سکيا بہ ورتي ۽ سٺو حڪيم پڻ آهي. خادم حسين ابڙو، 1969ع کان 1975ع تائين پاڪستان مشين ٽول فـيڪـٽـريءَ ۾ آفيـسـر رهـيـو، ٻـه سـال کـن شھدادڪوٽ ٽيڪسٽائيل ملز ۾ اڪـائونٽس اسسٽنٽ رهيو. انهيءَ عرصي ۾ هـن ايـل. ايـل. بي بہ ڪـري ورتي هئي، ۽ 1979ع کان اڄ تائين وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو آهي ۽ سنڌ جو ناميارو قانوندان آهي. سندس قابليت کي آڏو رکندي، سنڌ سرڪار کيس 1997ع ۾ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ڪري رکيو.
خادم حسين ابڙو بھترين ليکڪ ۽ سٺو شاعر آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ’جالِڻ جهانگين ساڻُ‘ 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن جي مهاڳ ۾ هن پنھنجي زندگيءَ جا واقعا ۽ مشاهدا نهايت بيباڪيءَ سان لکيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.02.10  عيسوي

شاعر، اديب ۽ قانوندان، خادم حسين ولد الهورايو ابڙو، 10 فبروري 1938ع تي ڳيريلي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور هالائي
جوڻيجو عبدالغفور عابد
امير خسرو
عمر خيام
ڀٽو محمد يوسف
سيد نادر علي شاھہ فراق
بلوچ تاج
سائينداد ساند
مراد علي ڪاظم شيخ
مراد فقير زنگيجو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون