
خادم حسين ابڙو
خادم حسين ابڙو: شاعر، اديب ۽ قانوندان، خادم حسين ولد الھورايو ابڙو، 10 فبروري 1938ع تي ڳيريلي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو. 1953ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيائين. 1956ع ۾ مئٽرڪ، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ پوءِ 1964ع ۾ بي. ڪام جي ڊگري ورتائين. 1953ع کان 1955ع تائين موري ۾ سنڌيءَ جو استاد ٿي رهيو. ان بعد چار سـال کن پي. ڊبـلـيـو. ڊي ايـريگيـشـن ۾ ڪلارڪ رهيو، 1961ع کان 1963ع تائين تعليمي بورد حيدرآباد ۾ ملازمت ڪيائين، ڪجهہ مهينا روزاني اخبار ’خادم وطن‘ ۾ اڪائونٽنٽ ٿي رهيو، ان کانپوءِ سال کن سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ پراجيڪٽ ۾ اڪائونٽ اسسٽنٽ ٿي ڪم ڪيائين. هن پنھنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالمؤمن کان هوميوپيٿي علاج جي سکيا بہ ورتي ۽ سٺو حڪيم پڻ آهي. خادم حسين ابڙو، 1969ع کان 1975ع تائين پاڪستان مشين ٽول فـيڪـٽـريءَ ۾ آفيـسـر رهـيـو، ٻـه سـال کـن شھدادڪوٽ ٽيڪسٽائيل ملز ۾ اڪـائونٽس اسسٽنٽ رهيو. انهيءَ عرصي ۾ هـن ايـل. ايـل. بي بہ ڪـري ورتي هئي، ۽ 1979ع کان اڄ تائين وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو آهي ۽ سنڌ جو ناميارو قانوندان آهي. سندس قابليت کي آڏو رکندي، سنڌ سرڪار کيس 1997ع ۾ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ڪري رکيو.
خادم حسين ابڙو بھترين ليکڪ ۽ سٺو شاعر آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ’جالِڻ جهانگين ساڻُ‘ 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن جي مهاڳ ۾ هن پنھنجي زندگيءَ جا واقعا ۽ مشاهدا نهايت بيباڪيءَ سان لکيا آهن.
1938.02.10 عيسوي
شاعر، اديب ۽ قانوندان، خادم حسين ولد الهورايو ابڙو، 10 فبروري 1938ع تي ڳيريلي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو.