حڪيم پير معين الدين لائبريري نوابشاھہ

حڪيم پير معين الدين لائبريري، نوابشاھہ: نوابشاھہ شھر ۾ قائم هن لائبرريءَ جو باني مشھور بزرگ پير معين الدين کيانروي هو. هن هيءَ لائبرري 1925ع ڌاري ٺهرائي. معين الدين پاڻ هڪ سٺو حڪيم ۽ وڏو عالم هو. هن پنھنجي حياتيءَ ۾ علمي ذوق سبب قلمي نسخن اخبارن، رسالن ۽ ڪثير تعداد ڪتابن جي صورت ۾ پنھنجي ذاتي لائبرري قائم ڪئي. سندس وفات کان پوءِ لائبرريءَ جو اڳيون اوج نہ رهيو. هن لائبرريءَ جا ڪجهہ اهم قلمي نسخا پير جي فرزند عبدالوهاب سنڌالاجيءَ کي وڪرو ڪري ڏنا. جڏهن تہ هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب اڃا هن لائبرريءَ ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو