حڪيم محمد يعقوب قاضي: تعلقي پني عاقل جو مشھور حڪيم ۽ اديب قاضي محمد يعقوب ولد الھہ بخش، ڳوٺ ڀٽار ۾ 1922ع ڌاري ڄائو. بمبئيءَ مان حڪمت جو امتحان پاس ڪيائين. مشھور عالم ۽ مفسر قاضي عثمان سندس چاچو هو، سندس نانو الھہ رکيو قاضي، ڀرچونڊي وارن جو خليفو هو. حڪيم يعقوب حڪمت جا ابتدائي سبق پنھنجي چاچي ۽ ناني کان سکيا. 1942ع کانپوءِ سندس خاندان پني عاقل شھر ۾ آباد ٿيو، جتي شفاخانو قائم ڪيائون، جيڪو اڄ بہ سندن پونير سنڀالين پيا. حڪيم صاحب سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ جو ڄاڻو هو، فارسيءَ ۾ شعر بہ لکيائين. اسلام بابت ڪيئي ڪتاب لکيائين. سندس سياسي وابستگي جماعت اسلاميءَ سان هئي. 1955ع کان 1960ع تائين جماعت جو تعلقي امير رهيو. 1992ع ۾ وفات ڪيائين.