حڪيم محمد عمر لاکو

حڪيم محمد عمر لاکو: حڪيم مولانا محمد عمر لاکو ولد ميان حڪيم مولوي محمد حسين لاکو 1319ھہ/ 1901ع ۾ ڳوٺ دودي ٻگهيي ضلعي شھيد بينظيرآباد (نوابشاھہ) ۾ جنم ورتو. فارسي، عربي ۽ طبي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪيائين. مختلف ڳوٺن جي مدرسن ۾ فارسي ۽ عربي تعليم ڏيندو رهيو، آخر ۾ ڳوٺ بھار جي ڪور، دولتپور صفن ۾ رهائش اختيار ڪري ديني ۽ طبي خدمتون انجام ڏيندو رهيو. هيءُ سٺو شاعر بہ هو. شاعريءَ ۾ مفتون ۽ احقر تخلص ڪتب آڻيندو هو. لکيل ڪتابن ۾: (1) سرور ڪائنات، (2) حضرت بايزيد بسطامي، (3) اندر جي اڪير، (4) ٻٻر جون خاصيتون شامل آهن. هن 20 صفر 1379ھہ/ 26 آگسٽ 1959ع تي ڳوٺ بھار جي ڪور ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.08.26  عيسوي

حڪيم مولوي محمد حسين لاکي 20 صفر 1379هه/ 26 آگسٽ 1959ع تي ڳوٺ بهار جي ڪور ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دلبر چانڊيو
حاجي محمد عثمان قاضي
الھجڙيو شاد
صالح گوپانگ ڊاڪٽر
بھاول خان عباسي4
ابن صفي
رضوان واسطي
اياز حسين ابڙو
ثناءُ ﷲ عباسي ڊاڪٽر
اسحاق فقير ڪارو مڱڻهار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون