حڪيم محمد صادق طالب

حڪيم محمد صادق طالب: ناميارو حڪيم، شاعر ۽ اديب محمد صادق طالب‘، 1903ع ڌاري خـيرپور ناٿن شاھہ ۾ ڄائو. پنھنجي وقت ۾ اعليٰ پايي جو حڪيم ٿي گذريو آهي. کيس علم ادب سان ننڍي هوندي کان چاھہ هيو. 1963ع ڌاري هن ’بزم طالب‘ جو بنياد وڌو. سـندس لکيل ڪتابن ۾: (1) ’تحفه خيرپور ناٿن شاھہ‘ (2) ’محمد صادق الامين‘، (3) ’ديـوان طـالب‘، ’(4) ’خـيـر الادب‘ ۽ (5) ’طـب روحـانـي‘ قـابـل ذڪـر آهن. محمد صادق کي درس تدريس سان بہ گهڻو چاھہ هو. هن 1954ع ۾ خيرپور ناٿن شاھہ ۾ ’مدرسہ خير العلوم‘ سميت گرلس هاءِ اسڪول جو بنياد وڌو. هن خاص ڪري نياڻين جي تعليم جي فروغ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. هن 28 جون 1967ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.06.28  عيسوي

حڪيم محمد صادق طالب 28 جون 1967ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ اياز
خالدي علي محمد
علي محمد مجروح
ساحر راهو
خليل لاشاري
اياز قادري
عالم شير گبول حاجي
شاهين سنڌي
پروانو ميراجي
رجب آزاد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون