حـڪـيـم، فـتح محـمـد سيوهاڻي

حـڪـيـم، فـتح محـمـد سيوهاڻي

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

حـڪـيـم، فـتح محـمـد سيوهاڻي: سنڌ جو عظيم قومي ڪارڪن ۽ اديب حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ولد خليفو غلام محي الدين، سيوهڻ ۾، 1300 ھہ/ 1882ع جي اوائل ۾ پيدا ٿيو. سندس والد بہ نهايت ئي قابل حڪيم وڏو عالم ۽ فاضل هو. سندس تعليم ۽ تربيت پنھنجي والد بزرگوار جي هٿ هيٺ ٿي. پنجن ورهين جي ڄمار ۾ قرآن شريف پڙهڻ شروع ڪيائين ۽ ڏهن سالن جي عمر ۾ ڪريما بنا معنيٰ پڙهڻ شروع ڪيائين. اهڙيءَ طرح فارسي پڙهڻ ۽ لکڻ جي سکيا وٺڻ لڳو. هن مولوي محمد عمر چنا وٽ سعديءَ جو گلستان پڙهيو. اڃا يارنهن سالن جو هو تہ سندس والد وفات ڪري ويو ۽ پنھنجي ڀاءُ خليفي محمد جي تربيت هيٺ رهيو. چوڏهن سالن جي عمر ۾ ڳوٺ پيروز شاھہ (شاھہ پنجي)، تعلقي ميهڙ ۾ مولانا عطاءُ جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ان کان پوءِ بوبڪ ۾ مولانا عبدالرئوف بختيارپوريءَ وٽ علم صرف پڙهيو. ان زماني کان شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين. هن ابتدا ۾ اڌ فارسي ۽ اڌ سنڌي شعر لکيا. سورهن ورهين جي ڄمار ۾ سيتا تعلقي دادوءَ جي مدرسہ عربيه ۾ داخل ٿيو ۽ مولانا محمد صديق سيتائيءَ کان عربي جي تعليم حاصل ڪيائين. 21 ورهين جي عمر ۾ آخري ڪتاب پڙهي 1321ھہ/ 1903ع ۾ رمضان شريف جي مهيني ۾ فارغ التحصيل ٿيو. کيس مطالعي جو ڏاڍو شوق هو. طالب علميءَ جي زماني ۾ ئي ڪيترن غير نصابي ڪتابن جو مطالعو ڪيو هئائين. خاص ڪري لغت جي ڪتابن ۾گهري دلچسپي وٺندو هو. تاريخ، ادب، حديث ۽ تفسير جا ڪتاب، عروض ۽ شعري مناظرن ۽ مباحثن جا ڪتاب هميشہ سندس مطالعي هيٺ رهيا. سندس خانداني ڪتب خانو هزارين ڪتابن تي مشتمل هو. انهيءَ ڪتبخاني ۾ هر موضوع تي ڪتاب موجود هئا. فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ ستت ئي هڪ قديم جامع مسجد (سيوهڻ ۾ مسجد شاھہ صدر جي نالي سان مشھور) ۾ علوم اسلاميہ جو مدرسو کوليائين، جتي شھر جا ڪيترائي شاگرد اچي داخل ٿيا. سندس ملاقات سنڌ جي مشھور شاعر ۽ اهل قلم رئيس شمس الدين بلبل سان ٿي، جنهن کيس اهو رسالو ڏيکاريو، جيڪو مولوي محمد عثمان جي ادارت هيٺ نڪرندو هو، جنهن ۾ سندس بي نقاط نظم ۽ نثر وڏي تعريف ۽ توصيف سان ڇپيل هئا. اهي نظم ۽ نثر ڏسي مولانا حميدالدين، جيڪو ان وقت سنڌ مدرسي ۾ فارسي ۽ عربيءَ جو معلم هو، حڪيم صاحب جي مقرريءَ لاءِ وائس صاحب کي سفارش ڪئي. اهڙيءَ طرح پنھنجي خداداد قابليت جي ڪري هيءُ سنڌ مدرسة السلام ڪراچيءَ ۾ فارسي ۽ عربيءَ جو معلم مقرر ٿيو. ڪراچيءَ ۾ پليگ جي بيماريءَ سبب شھر ڇڏي واپس موٽيو ۽ بعد ۾ مدرسي ۾ ملازمت لاءِ نہ ويو. ڪجهہ ئي عرصي بعد ٻيهر ڪراچي ويو، جتي ميمڻ مسجد جي ويجهو پارسين جي پاڙي ۾ ڪچهري روڊ تي پنهنجو شفاخانو کوليائين. هيءُ اعليٰ پايي جو حڪيم هئڻ سان گڏ اعليٰ پايي جو ليکڪ بہ هو. سندس لکڻين جو اسلوب پختو، عالماڻو ۽ نهايت شگفتہ هوندو هو. طب، ادب، شعر، تاريخ ۽ سوانح نگاريءَ ۾ کيس بلند مرتبو حاصل هو. سندس تصنيفن مان هيٺيون تصنيفون قابل تعريف آهن:
(1) حيات النبي (1914ع، ڪيترا ايڊيشن شايع ٿيا)، (2) داستان قوم، (3) خدا هڪڙو آهي، (4) فتح محمدي، (5) اخلاق محمدي (حيات النبي جو ٻيو ڀاڱو)، (6) احوال لعل شھباز قلندر، (7) تنوير الايمان، (8) ڪمال ۽ زوال (1923ع)، (9) ميرن جي صاحبي (1924ع)، (10) بھار اخلاق عرف بھار ڪلام (نظمن جو ڪتاب:1938ع)، (11) ابوالفضل ۽ فيضي (1932ع)، (12) آفتاب ادب (1956ع)، (13) نامڪمل خود نوشته سوانح حيات (1941ع ۾ سخت بيماريءَ دوران لکڻ شروع ڪيائين، جيڪا نامڪمل رهجي وئي)، (14) مختلف ڪتابن تي تقريظون. مختلف موقعن تي لکيل تقريرون: (1) شمس العلماءِ مرزا قلـيـچ بيـگ جـي ورسيءَ جـي مـوقعي تي ڪيل تقرير بسنت هال حيدرآباد، (2) ڊي. جي. نيشنل ڪاليج، حيدرآباد ۾ مشاعري تي صدارتي تـقرير، (16) اسلامي ۽ ديني درسي ڪتابن ۾ مختلف مضمون ۽ نظم نهايت ئي لاڀائتا آهن.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سائين جي. ايم. سيد جو ويجهو ساٿي هو. قومي خدمت جو جذبو منجهس گهر ڪري ويل هو. حڪمت لاءِ ڪتب ايندڙ ماکي وغيرہ بہ جي. ايم. سيد کيس مهيا ڪري ڏيندو هو. سنڌ کي حڪيم صاحب وٽان جيڪو علم ۽ ادب جو ذخيرو مليو آهي، سو ديني، تـاريخي سوانح عمري، سيرت نگاري ۽ تنقيدي ادب تي مشتمل آهي. مختصر تصنيفن هـوندي بہ سنڌي ادب ۾ قيمتي اضافو ڪيو اٿس.
کيس ذيـابـيـطـس جـي بـيـماري پڇاڙيءَ تائين هلندي آئي، جنهن جو علاج پاڻ ڪندو هو. آخر ۾ کـيـس هـڏائين سلھہ جو عارضو ٿي ويو ۽ ٽنگ ۾ سخت سور ٿي پيو هئس. سخت هيڻائي ۽ ضعيفيءَ سبب ذوالحج 1321ھہ مطابق ڊسمبر 1942ع ڌاري وفـات ڪـيائين. وفات کان اڳ ۾ پنھنجي رحلت جي تـاريـخ جـو سـال هـڪ قـطـعه ۾ چئي ڇڏيـو هـئـائين، جو ’مُشتِ خاڪ‘ مان 1321ھہ/ 1903ع نڪري ٿو.


لفظ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو