حڪيم خدا بخش خان ڌاريجو

حڪيم خدا بخش خان ڌاريجو: ناليوارو حڪيم ۽ سماجي خدمتگار، خدابخش خان ڌاريجو، 1868ع ڌاري هنڱورجن ۾ ڄائو. سندس وڏا هنڱورجن مان لڏي نوراجا ۽ پوءِ بقاآباد ۾ اچي ويٺا. هيءُ پنھنجي وقت جو نهايت قابل حڪيم هو. کيس ’اجمل سنڌ‘ بہ سڏيو ويندو هو.. حاجي خدا بخش شروعات ۾ پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيو ۽ ڳجهي کاتي لاءِ جاسوسي ڪندو هو. نوڪريءَ دوران انگريز سرڪار خلافت تحريڪ ۽ ترڪ موالات تحريڪ جي نگرانيءَ لاءِ کيس مقرر ڪيو. 1918ع ۾ سنڌ جي ناليواري عالم مولانا تاج محمود امروٽيءَ سان ملاقات ٿي، جنهن کيس اصل حقيقتن کان آگاھہ ڪيو، ان بعد نوڪريءَ تان استعيفا ڏنائين. سندس استعيفا تي انگريز آفيسرن کيس گهرائي انسپيڪٽر ٿيڻ جي پيشڪش ڪئي، پر هن اها ٺڪرائي ڇڏي . ان بعد هيءُ حڪمت ۽ زمينداري ڪرڻ لڳو. سندس حڪمت خاني تي مريضن جي وڏي رش هوندي هئي. اهو طب خانو هن وقت بہ سندس فرزند علامہ عبدالواحد سنڀالي رهيو آهي. هن 112 سالن جي عمر ۾ 16 جنوري 1980ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.01.16  عيسوي

هن 112 سالن جي عمر ۾ 16 جنوري 1980ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سرور سھتو
پنھون فقير ٻرڙو
علي گوهر لاهوري
اوباما بارڪ
رشيد احمد انڍڙ ڪامريڊ
ابوالحسن
پهلوان فقير ڊومڪي
رضوي سيد قطب شاھہ
پير پٺو
عبدالقادر بلو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون