حَسان بن ثابت: عرب شاعر ۽ اصحابي، بن ثابت'>حَسان بن ثابت ‘الخزرج’ قبيلي مان هو ۽ 563 ھہ ۾ مديني منوره جي پسگردائيءَ ۾ ولادت ٿي. پنھنجي دور جو وڏو شاعر هو ۽ اسلامي دور جي مذهبي شاعريءَ جي بانين مان هو. کيس هِجوَ ۾ خاص ڪمال حاصل هو. انهيءَ ڪري ڪافرن جي بدزبانيءَ جو مقابلو ڪاميابيءَ سان ڪندو هو. هيءُ پهريون نعت گو شاعر هو، جنهن نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي تعريف ڪئي ۽ ڪافرن جي مذمت ڪئي. هن اصحابي سڳوري 120 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.