حَرَم

حَرَم: حرم جي لغوي معنيٰ ممنوع آهي، اسلامي اصطلاح ۾ مڪي، مديني ۽ ان جي ارد گرد چند ميلن تائين علائقي کي حَرَم چئجي ٿو. اڪثر انهن علائقن کي حرمين پڻ چيو وڃي ٿو، انهن کي حرم چوڻ جو سبب اهو آهي تہ تعاليٰ انهن علائقن جي عزت ۽ مرتبو اعليٰ ڪيو آهي جنهن ڪري اتي ڪجهہ افعال ۽ اقدامات ممنوع آهن. مثلاً اتي جنگ نٿي ڪري سگهجي. وڻن کي نہ وڍي سگهبو آهي، حرَم وارن علائقن ۾ داخل ٿيندڙ شخص محفوظ رهندو آهي. ايتري قدر جو جيڪڏهن قاتل بہ انهن علائقن ۾ داخل ٿي ويندو آهي تہ ان کي بہ گرفتار نہ ٿو ڪري سگهجي.
حرم اهڙيءَ جڳھہ کي بہ چئجي ٿو، جيڪا صرف ۽ صرف عبادت لاءِ مخصوص هجي. قديم دؤر ۾ عبرانين وٽ پناھہ حاصل ڪرڻ لاءِ شهرن ۾ حرم موجود هئا. مصر ۾ پڻ اهڙيون پناھہ گاهون هونديون هيون، يونان ۾ پڻ اهڙيون پناھہ واريون جايون حرم سڏبيون هيون. عرب ۾ خانہ ڪعبه ۽ ڀرپاسي جي علائقي کي حرم قرار ڏنو ويو، جتي ڪنهن بہ قسم جي چوري، ڦُرلٽ ۽ قتل غارت جي منع ٿيل هئي. انهن هنڌن کي اڄ تائين احترام ۽ تقدس جي ساڳي حيثيت حاصل آهي.


لفظ حَرَمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو