حَرَم: حرم جي لغوي معنيٰ ممنوع آهي، اسلامي اصطلاح ۾ مڪي، مديني ۽ ان جي ارد گرد چند ميلن تائين علائقي کي حَرَم چئجي ٿو. اڪثر انهن علائقن کي حرمين پڻ چيو وڃي ٿو، انهن کي حرم چوڻ جو سبب اهو آهي تہ ﷲ تعاليٰ انهن علائقن جي عزت ۽ مرتبو اعليٰ ڪيو آهي جنهن ڪري اتي ڪجهہ افعال ۽ اقدامات ممنوع آهن. مثلاً اتي جنگ نٿي ڪري سگهجي. وڻن کي نہ وڍي سگهبو آهي، حرَم وارن علائقن ۾ داخل ٿيندڙ شخص محفوظ رهندو آهي. ايتري قدر جو جيڪڏهن قاتل بہ انهن علائقن ۾ داخل ٿي ويندو آهي تہ ان کي بہ گرفتار نہ ٿو ڪري سگهجي.
حرم اهڙيءَ جڳھہ کي بہ چئجي ٿو، جيڪا صرف ۽ صرف عبادت لاءِ مخصوص هجي. قديم دؤر ۾ عبرانين وٽ پناھہ حاصل ڪرڻ لاءِ شهرن ۾ حرم موجود هئا. مصر ۾ پڻ اهڙيون پناھہ گاهون هونديون هيون، يونان ۾ پڻ اهڙيون پناھہ واريون جايون حرم سڏبيون هيون. عرب ۾ خانہ ڪعبه ۽ ڀرپاسي جي علائقي کي حرم قرار ڏنو ويو، جتي ڪنهن بہ قسم جي چوري، ڦُرلٽ ۽ قتل غارت جي منع ٿيل هئي. انهن هنڌن کي اڄ تائين احترام ۽ تقدس جي ساڳي حيثيت حاصل آهي.