حيدر شاھہ حقاني رضوي، سيد: عالم ۽ فاضل سيد حيدر شاھہ حقاني رضويءَ 915ھہ مطابق 1509ع ڌاري بکر ۾ جنم ورتو. رضوي ساداتن جي شجري ۾ سندس اصل نالو سيد مير حسن ولد سيد موسيٰ ڄاڻايل آهي. هيءُ مشھور بزرگ سيد محمد مڪي جي نسب مان هو. هن زندگيءَ جو شروعاتي دور بکر ۾ گذاريو، جتي ديني توڙي دنيوي تعليم مختلف وڏن عالمن جي مدرسن ۾ رهي حاصل ڪيائين. جڏهن جوان ٿيو تہ سندس والدين بکر مان لڏي روهڙيءَ ۾ رهائش پذير ٿيا. نامور محقق مولانا دين محمد وفائيءَ لکيو آهي تہ جتي سندس آخري آرامگاھہ آهي، اڳي ان جي ڀرسان قديم مسجد هوندي هئي. هن مسجد جي حجري ۾ مدرسو بہ قائم ڪيو، جتي ديني علمن جي تعليم ڏيندو هو. وٽائنس ڪيترا وڏا عالم پڙهي نڪتا. روهڙي شھر ۾ نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو وار مبارڪ آهي، جنهن جي عام زيارت ڪرائي ويندي آهي. اهو وار مبارڪ حيدر شاھہ حقانيءَ معرفت شيخ عبدالباقي بکريءَ سنڌ ۾ آندو، جو حيدر شاھہ جو ويجهو دوست هو. روايت موجب حيدر شاھہ حقانيءَ کي نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم کان خواب ۾ ارشاد ٿيو تہ اسان جو وار مبارڪ، اوهان جي شھر ڀرسان شيخ عبدالباقي صديقيءَ وٽ محفوظ آهي. ان کانپوءِ ٻين شاهدن جي شاهدين جي بنياد تي وار مبارڪ عام زيارت لاءِ ظاهر ڪيو ويو. روايت آهي تہ اهو وار مبارڪ 1545ع ڌاري ظاهر ٿيو. شجره خاندان سادات رضوي ۽ ٻين روايتن مان پتو پيو آهي تہ سيد حيدر شاھہ جي آخري آرامگاھہ جي ڀرسان مسجد جي حجري جي ٻاهران حضرت امام
حسين عليہ السلام جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو. اهو واقعو 1572ع ۾ پيش آيو. ان وقت سندس پٽ عبدالستار شاھہ ۽ ڀائٽيو سيد ابوالمعالي بن شاھہ عيسيٰ گڏ هئا. سيد حيدر شاھہ 21 شعبان 1039ھہ/ پنجين اپريل 1630ع تي وفات ڪئي. سندس مزار تي عاليشان مقبرو اڏيل آهي، جيڪو روهڙيءَ جي سيد محلي ۾ آهي. قديم زماني ۾ انهيءَ محلي کي ’سائيدي محلو‘ سڏيو ويندو هو.
1630.04.05 عيسوي
سيد حيدر شاهه 21 شعبان 1039هه/ پنجين اپريل 1630ع تي وفات ڪئي. سندس مزار تي عاليشان مقبرو اڏيل آهي، جيڪو روهڙيءَ جي سيد محلي ۾ آهي. قديم زماني ۾ انهيءَ محلي کي ’سائيدي محلو‘ سڏيو ويندو هو.