حيدر خان ٻروچ: خان ٻروچ'>حيدر خان ٻروچ جاتي تعلقي جي ڳوٺ شاھہ ڪپور جي آسپاس جو رهواسي هو. سندس تعلق ٺاراڻي ٻروچن سان هو. مرحوم خان ٻروچ'>حيدر خان ٻروچ غريب هاري هو، پر پنھنجي وقت جو هوشيار سگهڙ هو. کيس قصن، ڪهاڻين، مقالن ۽ پرولين تي عبور هو. هن ڪيتريون محفلون مچايون ۽ پسگردائيءَ ۾ سگهڙپائيءَ ۾ نالو ڪڍيو. هو ذهين، سُڄاڻ ۽ حاضر جواب شخص هو، جنهنڪري ڪچهرين جا ڪوڏيا، کيس هلي اچي دعوتون ڏئي وٺي ويندا هئا. سندس شاعريءَ ۾ سنجيدگي ۽ پختگيءَ جو عنصر نمايان هو.
سندس شاعريءَ جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
اچي هِريو حيدر خان وٽ ڪانگ ڪميني ذات،
چارئي پھر چُڳڻ کان، ويري جهلي نہ وات،
ويٺي وانهيري تي ڪين وهاڻيس رات،
حيدر چڙهيو هو پيهي تي، پرھہ ڦُٽي پرڀات،
تہ هو ساجهر ويٺو سنگ تي، لچو ڪري لات،
بانڪي ٻولي بات، تہ اڄ اُڏامندس ڪين ڪي.