حيدرآباد ناٽڪ منڊلي: 1931ع ڌاري ناٽڪ جي فن سان چاھہ رکندڙ حيدرآباد سنڌ جي شهرين هڪ منڊلي قائم ڪئي، جيڪا ’حيدرآباد ناٽڪ منڊليءَ‘ جي نالي سان مشھور ٿي. هن منڊليءَ ۾ ان وقت جي مشھور سنڌي شاعر ليکراج عزيز جا ناٽڪ: ’ڪمار اجيت سنگهہ‘ ، ’مسٽر مجنون‘، ’هار جيت‘ ۽ ’غريبان مار‘ اسٽيج ڪري وڏي مقبوليت ماڻي. هنن ڊرامن ۾ حصو وٺندڙن ۾ مکيہ اداڪار مولچند ليلا رام سنگهہ، آتو لعلواڻي ۽ ڀُڏو آڏواڻي هئا. هن منڊليءَ، برک اديب ۽ ناٽڪ ڪار محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا مشھور ناٽڪ ’نورجھان جو پٽ‘، ’سجائي موڙي‘ ۽ ’ڪانگريس‘ ۽ ايل. ايل. ڏوڏيجا جو ناٽڪ ’شاديءَ جون ٻيڙيون‘ بہ اسٽيج تي پيش ڪيا هئا.