
حيدرآباد جي تاريخ
حيدرآباد جي تاريخ (ڪتاب): حيدرآباد جي تاريخ تي مشتمل هيءُ ڪتاب سنڌيءَ جي نامور ترجمي نگار حسين بادشاھہ سهيڙيو آهي، جنهن ۾ ناميارن ليکڪن: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، چارلس نيپيئر، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، نائون مل هوتچند، ڊاڪٽر جيمس برنس، جيمس مئڪمرڊو، ڪيپٽن ايسٽوڪ، علي حامد ڪوفي، پرمانند ميوارام، ڏيارام گدومل، ڊاڪٽر حبيب ﷲ مرزا، رضا علي عابدي وغيرہ جا مضمون شامل آهن. ڪتاب ۾ حيدرآباد جي تاريخ ۽ شخصيتون، حيدرآباد جا ڪوٽ ۽ قلعا، حيدرآباد جون سماجي، سياسي ۽ اقتصادي حالتون، حيدرآباد جا قديم آثار، حيدرآباد جي واقعاتي تاريخ، حيدرآباد ۾ پليگ جا هاڃا، حيدرآباد جا فنڪار، ميلا ۽ ملاکڙا ۽ ٻيا مضمون شامل آهن. هيءُ ڪتاب 2000ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري ڇپائي پڌرو ڪيو. 669 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 350 روپيا آهي.