حياتي هوتن ريءَ

حياتي هوتن ريءَ

حياتي هوتن ريءَ

حياتي هوتن ريءَ (ڪتاب): سنڌ هند جي مشھور ليکڪا، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار، ڪلا پرڪاش جو هي ناول، پهريون ڀيرو نئين دنيا پبلڪيشن، ممبئي انڊيا ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو سنڌ فورم، بجاج گهٽي شڪارپور مان 1979ع ۾ شايع ٿيو. ناول جو انتساب ڪلا پرڪاش پنھنجي سهري جي نالي ڪندي لکيو آهي تہ: ”ارپيان ٿي پنھنجي ڪاڪا (سهري) کي، جنهن بيماريءَ تي چيو هو تہ منهنجي مُئي پُڄاڻان ٻيا ڌرمي گرنٿ پڙهڻ بدران، شاھہ، سچل، سامي، بيوس ۽ ضيا جا ڪلام ڳائجو ۽ ڳارائجو، ڇاڪاڻ جو انهن ڪلامن ۾ بہ روحانيت جا اُهي ئي نڪتا آهن، جيڪي گرو گرنٿ صاحب، گيتا، گرڙ يا ڀاڳوت ۾ آهن.“ 115 صفحن تي مشتمل پڪي ۽ رنگين ٽائٽل واري ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 5 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو