حويليءَ جا راز

حويليءَ جا راز

حويليءَ جا راز

حويليءَ جا راز (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامياري ڪهاڻيڪار ’ماڻڪ‘ جي ڪهاڻين تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 18 ڪهاڻيون آهن، جن ۾: (1) حويليءَ جا راز، (2) ٻاهر ٻاڦ نہ نڪري، (3) حقيقت ۽ دوکو، (4) هڪ ڪهاڻي- سواءِ سري جي، (5) پلاند، (6) ڪاري، (7) پهرين انام ڪهاڻي، (8) ٻي انام ڪهاڻي، (9) ٽين انام ڪهاڻي، (10) بيٺل ڦيرو، (11) وقتائتو موت، (12) ڪلارڪ جي پهرين تاريخ، (13) اُتساھہ جو موت، (14) مئل زندگي، (15) نوٽ بوُڪ (ڊائريءَ) منجهان، (16) انسان بوءِ- انسان بوءِ، (17) روبوٽ ۽ (18) گيس چيمبر شامل آهن. ماڻڪ جي سڀ کان مشھور ڪهاڻي ’حويليءَ جا راز‘ آهي، جنهن کيس هڪ منفرد ڪهاڻيڪار بڻايو آهي. هن ڪتاب جو وڌايل ۽ سڌاريل پهريون ڇاپو روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري، 2003ع ۾ شايع ڪرايو. پڪي جلد سان، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ ڪُل 140 صفحا آهن، ان جي قيمت 80 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو