
حنيف ساگر بڙدي
حنيف ساگر بڙدي: ناليوارو قومپرست ۽ اڳوڻو شاگرد اڳواڻ ساگر حنيف بڙدي، پهرين مئي 1969ع تي پڊعيدن ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم پڊعيدن، انٽر سائنس سچل سرمست ڪاليج نوابشاھہ مان، بي. اي ۽ ايم. اي سنڌي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. 1986ع ۾ حافظ محمد سومري کان متاثر ٿي سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيو. 1990ع ۾ سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. 1995ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيو، کيس سنڌ يونيورسٽي يونٽ جو آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ جساف جي مرڪزي اليڪشن ڪميٽيءَ جو ميمبر بہ رهيو. تعليم پوري ڪري جيئي سنڌ قومي محاذ سان سلهاڙجي ويو. ساگر حنيف بڙدي، سائين جي. ايم. سيد جي نظريي سان وابستہ آهي ۽ سندس شمار بھترين مقرر، ڪمپيئر ۽ ڪالم نگار طور ٿئي ٿو. 2002ع دوران مرڪزي اليڪشن ۾ جسقم جو مرڪزي پريس سيڪريٽري چونڊيو ويو. هيءُ هڪ ڀيرو جسقم جو قائم مقام مرڪزي جنرل سيڪريٽري بہ رهي چڪو آهي. 2005ع ۾ جسقم پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪيل ’مرڻ گهڙي تائين’ واري بک هڙتال ۾ڪئمپ اڳواڻ طور مسلسل 31 ڏينهن فاقاڪشيءَ جي حالت ۾ رهيو. ساگر حنيف بڙدي جيئي سنڌ هلچل سان واڳيل هئڻ سبب جوانيءَ جا ڪيترا ڏهاڙا جيل ۾ گهاريا . ھو جسقم جو مرڪزي پريس ترجمانپڻ رھيو. ادب، سماجيات، سياست جي موضوع تي سندس ڪالم سنڌ جي اڪثر اخبارن ۾ ڇپجندا رهندا ھئا. حنيف ساگر بڙدي پھرين آگسٽ 2018غ تي وفات ڪئي.
1969.05.01 عيسوي
ناليوارو قومپرست ۽ اڳوڻو شاگرد اڳواڻ ساگر حنيف بڙدي، پهرين مئي 1969ع تي پڊعيدن ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو.