حنيف رامي

حنيف رامي

حنيف رامي

حنيف رامي: پاڪستان جي مشھور سياسي اڳواڻ، صحافي ۽ پاڪستان مساوات پارٽيءَ جي باني حنيف رامي، 15 مارچ 1930ع تي نانڪاڻا صاحب، ضلعي شيخوپوره، پنجاب ۾ جنم ورتو. 1952ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات ۾ ايم. اي ڪيائين. ڪجهہ عرصو لارنس ڪاليج گهوڙا گليءَ ۾ استاد رهيو. 1965ع ۾ مرڪزي اردو بورڊ سان لاڳاپجي ويو، جتان هن استعيفا ڏئي ڇڏي. هن ’نصرت‘ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو, جنهن تي پابندي لڳي. ان کانپوءِ هن عملي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. هن پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت ڪري ان جي تنظيم ڪاريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 1970ع ۾ هن ”مساوات“ اخبار جاري ڪئي. فيبروري 1972ع کان 11 مارچ 1974ع تائين پنجاب جو خزاني جو صوبائي وزير ۽ پوءِ 11 جولاءِ 1975ع تائين پنجاب جو وڏو وزير رهيو. ان ئي سال پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کان ڌار ٿي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. هيءُ آگسٽ 1975ع کان جولاءِ 1977ع تائين سينيٽر رهيو. ان دوران هي جيل بہ ويو. آگسٽ 1978ع ۾ هن پاڪستان مساوات پارٽيءَ جو بنياد رکيو. هن ’باز آئو‘، ’زندہ رهو‘، ’پنجاب ڪا مقدمه‘ ۽ ’دُب اڪبر‘ ڪتاب لکيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.03.15  عيسوي

پاڪستان جي مشهور سياسي اڳواڻ، صحافي ۽ پاڪستان مساوات پارٽيءَ جي باني حنيف رامي، 15 مارچ 1930ع تي نانڪاڻا صاحب، ضلعي شيخوپوره، پنجاب ۾ جنم ورتو


1975.07.11  عيسوي

فيبروري 1972ع کان 11 مارچ 1974ع تائين پنجاب جو خزاني جو صوبائي وزير ۽ پوءِ 11 جولاءِ 1975ع تائين پنجاب جو وڏو وزير رهيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير شھاب الدين لڪياري
اثير عبدالقادر شاهواڻي
پير مٺا سائين حضرت خواجہ محمد عبدالغفار
سسئي
خان محمد مڱڻهار
سُھائي ٽالپر
ڪمال راهمون ڊاڪٽر
پلي حاجي منٺار
خديجہ خانم دائود پوٽو
رحمان قلي چرڪس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون