حمزہ علوي

حمزہ علوي: پاڪستان جي مشھور تاريخ نويس ۽ دانشور حمزہ علوي جو جنم، 10 اپريل 1921ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. هن سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي، ڊي. جي. ڪاليج ڪراچي، واڊيا ڪاليج پونا ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. هن ايم. اي (معاشيات) مسلم يونيورسٽي علي ڳڙھہ مان ڪئي. پاڪستان جي قيام کانپوءِ هو اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان سان واڳيل رهيو. 1950ع ۾ انگلنڊ هليو ويو، جتي تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو. يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، لاس اينجلس، يونيورسٽي آف ڊينيور، يونيورسٽي آف ليڊرز، يونيورسٽي آف ملائيشيا، ڪولا لمپور ۽ مشي گن اسٽيٽ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار طور فرض سرانجام ڏيندو رهيو. 1968ع کان 1969ع دوران هن پنجاب جي هڪ ڳوٺ ۾ اينٿراپالاجي فيلڊ ۾ ريسرچ ڪئي. 1971ع کان 1985ع تائين جرنل آف ڪنٽيمپرري ايشيا جي ادارتي بورڊ جو باني رڪن رهيو. ان دوران جنرل آف پيزنٽ اسٽڊيز ۽ پاڪستان ٽوڊي سان بہ لاڳاپيل رهيو. هن قديم آثارن، تاريخ ۽ مارڪسي نظريي جي موضوعن تي اخبارن ۾ ڪيترا ڪالم لکيا. سندس ٻہ ڪتاب (1) ’جاگيرداري سماج اور پاڪستان‘ ۽ (2) ’رياست ڪا بحران‘ شايع ٿيل آهن. هن پهرين ڊسمبر 2003ع تي وفات ڪئي.


لفظ حمزہ علويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.04.10  عيسوي

پاڪستان جي مشهور تاريخ نويس ۽ دانشور حمزه علوي جو جنم، 10 اپريل 1921ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.


2003.12.01  عيسوي

حمزه علوي پهرين ڊسمبر 2003ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پلي درويش
بانو قدسيه
مرزا محمد صالح ٺٽوي
ڄام لاکو ڦلاڻي
خورشيد حسن شيخ
رسول بخش خان گبول
بئريسٽر عبدالرحمان
درويش دائود 2
سيما ابڙو ڊاڪٽر
جروار نذير احمد ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون