حماد ﷲ هاليجوي

حماد ﷲ هاليجوي: برصغير جو عظيم روحاني بزرگ ۽ عالم ﷲ هاليجوي'>حماد ﷲ هاليجوي ولد ميان محمود عيساڻي 1301ھہ مطابق 1882ع ڌاري پني عاقل، ضلعي سکر جي ڳوٺ هاليجي شريف ۾ ڄائو. سندس ڏاڏو حماد ﷲ اول بہ اهل ﷲ ۽ درويش ٿي گذريو آهي، هيءُ پنجن، ڇھن سالن جو هو تہ سندس والد بزرگوار وفات ڪئي. تعليم جي حاصلات لاءِ ڏاڍا ڪشالا ڪٽيائين. شروعاتي تعليم مولوي آخوند ابراهيم انڍڙ ۽ مولوي مٺا صاحب وٽان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ مولوي محمد موسيٰ آرائين وٽان عربيءَ جا ڪتاب پڙهيو. آخوند حبيب ﷲ وٽ نام حق پڙهيو، فارسي تعليم مفتي عبدالڪريم عباسيءَ ۽ مولانا نور محمد عادلپوريءَ کان حاصل ڪيائين. تعليم کان فارغ ٿي پنھنجي ڳوٺ هاليجيءَ ۾ مدرسو قائم ڪيائين، بعد ۾ ٺيڙهيءَ واري ’دارالهديٰ‘ مدرسي ۾ مدرس ٿيو، جتي ڪيترا ئي ناميارا عالم سندس علمي بصيرت کان فيضياب ٿيا. اونهاري ۾ ٺيڙهيءَ ۾ پڙهائيندو هو ۽ سياري ۾ پنھنجي ڳوٺ هاليجيءَ ۾ درس تدريس ڏيندو هو.مولانا ﷲ هاليجوي'>حماد ﷲ هاليجوي مشھور ديني عالمن مولانا پنهواري واري علامہ عبدالقادر، علامہ قمرالدين انڍڙ، پير جهنڊي واري مدرسي ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو شاگرد رهيو. شروع ۾ کنيارن واري مخدوم محمد معصوم نقشبنديءَ جي عقيدتمندن جي حلقي ۾ شامل ٿيو. ان کان پوءِ ٺيڙهيءَ واري مدرسي ۾ مدرس هجڻ دوران تاج محمود امروٽيءَ جي هٿ تي بيعت ڪيائين. مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي چوڻ تي واپس هاليجي آيو ۽ پورا ٻاونجاھہ سال هاليجي ۾ پڙهائيندو ۽ خلق جي خدمت ڪندو رهيو. هر قسم جي شرڪ، بدعت جي خلاف جنگ جوٽيائين. سڄي عمر شريعت ۽ سنت نبويءَ جو پابند رهيو. هن جي مجلسن ۾ قرآن مجيد ۽ حديث جو دؤر هلندو رهندو هو. مولانا روميءَ جي مثنوي ۽ ابن قارض جي شاعريءَ سان کيس دلي لڳاءُ هو، مولانا حماد ﷲ انگريزن خلاف خوب جدوجھد ڪئي، سياسي طور جميعت العلماءِ هند سان واڳيل هو. 1936ع ۾ ڪل هند جماعت جي جلسي ۽ ساڳئي سال ٿيل جمعيت علماءِ هند جي اجلاس جي صدارت ڪيائين. سندس علماءِ ديوبند سان گهرو سٻنڌ هو، تڏهن بہ هيءُ هر قسم جي مذهبي گروھہ بنديءَ کان نفرت ڪندو هو. پاڻ هاڪاري حڪيم هو. سندس ڪوشش سان 1942ع ۾ پني عاقل جي تاريخي لوڙهي واري مدرسي ۾ ڪل هند ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا جا عظيم عالم مولانا حسين احمد مدني، مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا حفظ الرحمان سهارينوي، مولانا احمد علي لاهوري، سيد عطاءُ ﷲ شاھہ بخاري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا محمد اجمل، مولانا غلام الله، مولانا غلام غوث هزاروي، مولانا اشرف علي ٿانوي، مفتي محمد شفيع، مولانا محمد علي جالنڌري سميت ڪيترا هاڪارا عالم وٽس هاليجي شريف ۾ ايندا رهندا هئا. ڇھہ شاديون ڪيائين جنهن مان زندگيءَ ۾ کيس چئن پُٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. حماد ﷲ هاليجويءَ لاءِ سندس مرشد تاج محمود امروٽيءَ جا هي لفظ شاندار خراج تحسين آهن: ”اسان جيڪو ڏڌ ولوڙيو، ان مان جيڪو مکڻ نڪتو سو مولانا حماد ﷲ کڻي ويو، هاڻي اسان لسي پيا ٿا ورهايون“. پاڻ هيٺيان ڪتاب تصنيف ڪيائين: (1) ’الياقوت و المرجان‘، (2) ’شرح قصيده برده‘، (3) ’شرح قصيده باخت‘، (4) ’سـعـاد خـطـبـات‘، (5) ’مـلـفـوظـات لـغـات قــرآن‘، (6) ’اٺ مـسـئـلا‘، (7) ’ملفوظات تعليقات سبح معقات‘.
هن بزرگ 18 اپريل 1962ع تي 80 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.


لفظ حماد ﷲ هاليجويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو