
حماد جماليءَ جي مسجد
حماد جماليءَ جي مسجد: هيءَ مسجد سنڌ جي تاريخي قبرستان مڪليءَ تي موجود آهي. هن لاءِ روايتون آهن تہ ڄام تماچي ولد ڄام انڙ دهليءَ جي تخت ڌڻي فيروز شاھہ تغلق جي وفات کانپوءِ 1388ع ۾ جڏهن دهليءَ مان آزاد ٿي واپس سنڌ پهتو ۽ تخت نشين ٿيو، تڏهن شيخ حماد جماليءَ جي خانقاھہ ۾ ان جي ڀرسان مسجد جوڙايائين. ان پڪسري مسجد جي حيثيت جامع مسجد واري هئي. هيءَ مسجد هن وقت زبون حاليءَ جو شڪار آهي ۽ مسجد جو فقط نماز ادا ڪرڻ وارو حصو باقي وڃي بچيو آهي. مسجد جي رهيل آثارن مان پتو پوي ٿو تہ ان کي اوڀر واري طرف کان اڱڻ هو. ان اڱڻ ۾ شيخ حماد جماليءَ جو مقبرو بہ تعمير ٿيل هو، جيڪو هاڻي کنڊر ٿي ويو آهي. مسجد جي اولھہ واري ڀت سان لڳو لڳ ٻاهران هڪ سادي قبر مائي مڪليءَ جي چئي وڃي ٿي، جنهن جي نالي پويان هن ٽڪريءَ تي مڪليءَ جو نالو پيو.
هيءَ مسجد مستطيل آهي، ڊيگهہ 64 فوٽ ۽ ويڪر 29 فوٽ اٿس. هن مسجد جا ٽئي در ونگن سان ٻڌل آهن، جيڪي اتر- اوڀر ۽ ڏکڻ کان آهن. ونگ نوڪدار سينڌ نما اٿس. مسجد جي ٻاهرين ڀت پڪسري آهي، جنهن جو بنياد پٿر جو آهي. مسجد جو اوڀر وارو پاسو شڪل صورت ۾ تمام سادو آهي. ان پاسي کان فقط محرابي در اٿس. ان محرابي لنگهہ جي مٿان ان در جيترو ئي محرابي طاقچو اڏيل آهي. هن عمارت ۾ ڪنهن ترميم جا اهڃاڻ اوڀر واري ديوار ۾ اتر پاسي کان نظر اچن ٿا، جتي ديوار ۾ ٻہ بند يا طاقچه هڪٻئي جي مٿان اڏيل آهن. مسجد جي اندرين حصي ۾ هڪ ڊگهو هال آهي، جنهن کي وچ تي ٻہ ونگون هڻي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. مسجد جو وچيون ڀاڱو ٻين ٻنهي ڀاڱن کان وڏو آهي، جيڪو اوڀر ۽ اولھہ کان ڇت تائين وڏين ڊگهين ونگن سبب جدا محسوس ٿئي ٿو. اولھہ واري ديوار ۾ مسجد جو محراب ٺهيل آهي.
چوڏهين صدي عيسويءَ جي هن جامع مسجد کي ڏاکڻي پاسي کان ڏسبو تہ ساڄي پاسي اوڀر ڏکڻ واري ڪنڊ تي ٺاهيل ڏاڪڻ مڪمل ڊٺل حالت ۾ نظر اچي ٿي، اڏاوت جي وچ تي ونگ سان لنگهہ نظر اچي ٿو، جنهن کي ٻہ ونگون ڏنل آهن. ان لنگهہ واريون نماز پڙهڻ واري ڀاڱي کي ٽن حصن ۾ ورهائين ٿيون. هيءَ مسجد شايد ٽه قبائين هئي. وچ واري قبي کي ساڄي ۽ کاٻي وارن قبن سان ملائڻ لاءِ وچ تي ٻہ ونگدار لنگهہ بہ آهن.