حفصه رضي الله عنه

حفصه رضي الله عنه: ام المؤمنين حضرت حفصه رضي الله عنه حضور پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جي چوٿين گهر واري هئي، جيڪا بيبي عائشہ رضي الله عنها کانپوءِ سندن نڪاح ۾ آئي. هيءَ حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جي ڌيءَ هئي، بيبي حفصه رضہ هجرت کان ارڙهن سال اڳ پيدا ٿي. هجرت کان اڳ پاڻ حضرت خنيس بن خدافه جي نڪاح ۾ هئي. ٻنهي زال مڙس گڏجي اسلام قبول ڪيو. سندس مڙس خنيس رضي الله عنه بدر جي جنگ ۾ زخمي ٿيڻ بعد مديني ۾ شهادت ماڻي، جڏهن تہ حافظ ذهبي ابن حجر ۽ ابن البر مطابق خنيسرضه سن 3 هجريءَ ۾ احد جي جنگ ۾ شھيد ٿيو ۽ انهيءَ سال ئي بيبي حفصه رضي الله عنه رسول پاڪ جي نڪاح ۾ آئي. بيبي حفصه رضي الله عنه رسول پاڪ صلي ﷲ عليہ وآلہ وسلم جي وصال کانپوءِ مديني منوره ۾ ئي رهي ۽ 45ھہ ۾ وفات ڪيائين. سندس جنازي نماز مديني جي والي مردان بن الحڪم پڙهائي. کيس جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ حفصه رضي الله عنهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو