حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو: سوانح ۽ افڪار

حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو: سوانح ۽ افڪار

حضرت شاھہ عبدالڪريم بلڙي وارو: سوانح ۽ افڪار

حضرت شاھہ عبدالڪريم بلڙي وارو: سوانح ۽ افڪار (ڪتاب): هي ڪتاب صوفي شاعر ۽ بزرگ شاھہ عبدالڪريم، سندس ڪلام، فڪر ۽ فلسفي بابت لکيل مختلف مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر عبدالجبار ‘عابد’ مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب جو ‘پيش لفظ’ مرتب لکيو آهي، جڏهن تہ ڪتاب ۾ معمور يوسفاڻي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، محمد ابراهيم ترڪ، لياقت جوڻيجي، ڊاڪٽر عبدالجبار ‘عابد’ لغاري، ذاڪر حسين کٽي، حافظ حبيب سنڌي، ڊاڪٽر عاشق حسين البدوي، مشتاق احمد پٺاڻ ۽ پروفيسر سيد قلندر شاھہ لڪياريءَ جا مضمون شامل آهن. هي ڪتاب اوقاف کاتي، سنڌ حڪومت جي سهڪار سان شاھہ ولي اڪيڊمي، حيدرآباد 2009ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڊيمي سائيز جي 104 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو