حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه مستند سوانح ۽ پيغام

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه مستند سوانح ۽ پيغام

حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رحه مستند سوانح ۽ پيغام

حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رحه مستند سوانح ۽ پيغام (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ڀٽائي بابت مختلف مضمونن تي مشتمل هي ڪتاب ڊاڪٽر عبدالجبار ‘عابد’ لغاري مرتب ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ‘پيش لفظ’ مرتب لکيو آهي. هن ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالجبار ‘عابد’ لغاري، ڊاڪٽر نورافروز خواجه، حافظ حبيب سنڌي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي، رسول بخش تميمي، معمور يوسفاڻي، ذاڪر حسين کٽي،ڊاڪٽر اسد جمال پلي ۽ سيف خام يوسفاڻيءَ جا تحقيقي مضمون شامل آهن. هي ڪتاب شاھہ ولي اڪيڊمي، محڪمه اوقاف سنڌ پاران 2010ع/ 2009ع ۾ ڇپيو. ڊيمي سائيز جي 252 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 350 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو