حسين بخش رڏ

حسين بخش رڏ

حسين بخش رڏ

حسين بخش رڏ: سنڌ جو مشھور سگهڙ حسين بخش ولد هدايت علي رڏ، فيبروري 1960ع ۾ سونهاري تعلقي صالح پٽ، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ هدايت علي پڻ پنھنجي وقت جو ناليوارو سگهڙ ٿي گذريو آهي. حسين بخش رڏ، پرائمري تعليم، ڳوٺ سونهاري مان حاصل ڪري، اباڻي ڌنڌي هارپي سان وڃي لڳو. آگسٽ 1975ع ۾ ايريگيشن کاتي ۾ نارا ڪئنال تي آپريٽر مقرر ٿيو. آگسٽ 1981ع ۾ نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي، پيءُ سان گڏجي حڪمت جو ڪم شروع ڪيائين، 1983ع ۾ هاءِ اسڪول عنايت حسين شاھہ، نارا گيٽ ۾ چوڪيدار مقرر ٿيو، جنهن کان پوءِ کيس ٻيهر پڙهڻ جو شوق جاڳيو. 1985ع ۾ انٽر ڪري 1987ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. حسين بخش رڏ جو ننڍپڻ کان وٺي لوڪ ادب سان واسطو رهيو، پنھنجي والد سان گڏ ڪچهرين ۾ وڃي شامل ٿيندو هو، اهڙيءَ ريت لوڪ ادب ڏانهن لاڙو وڌيس. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪچهرين کان سواءِ ريڊيو ۽ ٽي. وي تي پڻ پنھنجي لوڪ شاعري پيش ڪري چڪو آهي. لوڪ ادب ۾ ڪافي مهارت حاصل آهي. حسين بخش رڏ جي لوڪ شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’حرف هيرن جھڙا‘ (2003ع) ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويي، سيد صالح محمد شاھہ جهڙن نامور اديبن جا تاثرات شامل آهن، جڏهن تہ پنھنجي پيءُ جي شاعريءَ کي سهيڙي ’سونهاري جي سونهن‘ نالي سان 1993ع ۾ شايع ڪرايائين، ان کان سواءِ ڪتاب ’ريگستاني رهاڻيون‘ پڻ ترتيب ڏنل شايع ٿيل آهي. کيس 1996ع ۾ بھترين سگهڙ طور، سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي ’سچل سرمست‘ اوارڊ، ان وقت جي سنڌ جي گورنر محمود اي. هارون ڏنو.


لفظ حسين بخش رڏھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو