حسينه معين

حسينه معين

حسينہ معين

حسينہ معين: ننڍي کنڊ ۾ اردو توڙي سنڌي ادب ۾ هڪ جيتري مقبوليت ماڻيندڙ مشھور ۽ معروف ڊرامه نگار حسينہ معين 20 نومبر 1941ع تي ڪانپور (هندستان) ۾ جنم ورتو. سندس خاندان ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان لڏي آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ مستقل طور آباد ٿيو. هن 1960ع ۾ گريجوئيشن ۽ 1963ع ۾ ’تاريخ‘ جي شعبي ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم.اي ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ تدريسي شعبي سان لاڳاپجي وئي ۽ فضل الرحمان گورنمينٽ گرلز سيڪنڊري اسڪول جي پرنسپال واري عهدي تان رٽائرڊ ٿي. هن، لکڻ جو آغاز شاگرديءَ واري دور کان ڪيو. سندس شروعاتي ليک ’وال پيپر‘ مئگزين ۾ ڇپيا. جڏهن تہ ڪاليج ۾ تعليم پرائڻ دوران هن پنھنجي اردوءَ جي استاد سلميٰ الحق حقي'>شان الحق حقي (جيڪا نامياري اديب ۽ ماهر لسانيات الحق حقي'>شان الحق حقي جي گهرواري هئي) جي صلاح سان آغا ناصر لاءِ ريڊيو ڊرامو لکيو، جيڪو نہ صرف پسند ڪيو ويو پر ان کي ريڊيو طرفان اوارڊ پڻ مليو، جنهن کانپوءِ هي ريڊيو لاءِ مسلسل لکندي رهي. سندس هڪ ڊرامي کان متاثر ٿي، پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي جي جنرل مئنيجر 1969ع ۾ کيس، سندس ئي ريڊيو ڊرامو ’ ڀول ڀليان‘ ٽي وي لاءِ لکڻ جو چيو، جيڪو پڻ ڪامياب ٿيو. 1971ع ۾ عيد جي مناسبت سان ’هيپي عيد مبارڪ‘ نالي مزاحيہ ڊرامي کي پڻ پوري پاڪستان ۾ پسند ڪيو ويو ۽ سندس شمار ملڪ جي مشھور ليکڪن ۾ ٿيڻ لڳو.حسينہ معين، قرة العين حيدر، عصمت چغتائي، اشفاق احمد ۽ ڪرشن چندر جهڙن ليکڪن جي وڏي مداح هئي.کيس، عظيم بيگ چغتائي جي ڪتاب ’شهزوري‘ کي ڊرامائي شڪل ڏيئي نشر ڪرائڻ سبب بہ وڏي شھرت ملي. هن، پنھنجي لکڻين ذريعي پي ٽي وي جي ڏسندڙن کي ’پرڇائيان‘، ’ڌوپ ڪناري‘، ’انڪل عرفي‘، ’تنهائيان‘ ۽ ’بندش‘ سميت ڪيترائي شاندار سيريل، ڊراما ۽ شاهڪار ڪهاڻيون ۽ ڪيترائي يادگار ڪردار ڏنا. هن ٻارن لاءِ بہ ڪهاڻيون ۽ خاڪا لکيا. سندس لکيل ڊراما سيريل ’رومي‘ پنھنجي نوعيت جي واحد سيريل هئي، جيڪا ٻارن توڙي وڏن ۾ تمام گهڻي مقبول ٿي.حسينہ معين واحد پاڪستاني ليکڪا هئي، جنهن ڀارتي ٽي وي چينلس لاءِ بہ ٻہ ڊراما لکيا، جن مان سندس هڪ ڊرامو ’ڪشمڪش‘ ڀارت جي سرڪاري ٽي وي چينل تان پڻ نشر ڪيو ويو. جڏهن تہ هن راج ڪپور جي فلم ’حنا‘ لاءِ مڪالما بہ لکيا، پر فلم رليز ٿيڻ وقت بابري مسجد واري سانحي سبب احتجاج طور فلم مان پنهنجو نالو ڪڍرائي ڇڏيو.هن تاحيات شادي نہ ڪئي ۽ 26 مارچ 2021ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي. 1987ع ۾ کيس پاڪستاني حڪومت طرفان ’پرائيڊ آف پرفارمنس‘ اوارڊ،1975ع ۾ گلوبل ٽي وي پليز فيسٽيول (ٽوڪيو) طرفان اوارڊ، پي ٽي وي اوارڊ، لڪس اسٽائيل اوارڊ ۽ ٻين انيڪ اوارڊن سان نوازيو ويو.


لفظ حسينہ معينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.11.20  عيسوي

معروف ڊرامه نگار حسينه معين 20 نومبر 1941ع تي ڪانپور (هندستان) ۾ جنم ورتو


2021.03.26  عيسوي

حسينه معين 26 مارچ 2021ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شھاب الدين حڪيم
ابوبڪر شيخ
اظهار قاضي
پيٽراعظم
غلام حيدر مرڙاڻي
پتافي بھاءُ الدين بھائي مولوي
پير شاھہ صفي ﷲ عاشق
پلي وڏيرو محمد سگهو
جامي چانڊيو
جان ميڪسويل ڪوئٽزي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون