حسن عابدي

حسن عابدي

حسن عابدي

حسن عابدي: نامياري شاعر ۽ صحافي حسن عابديءَ جو پورو نالو حسن عسڪري عابدي هو. هن 7 جولاءِ 1929ع تي مظفر آباد ضلعي جي جونپور شھر ۾ جنم ورتو. هن اعظم ڳڙھہ ۽ الھہ آباد مان تعليم حاصل ڪئي. 1948ع ۾ لڏي پاڪستان آيو، پهريان لاهور ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. لاهور ۾ رهائش دوران هن 1955ع ۾ روزاني اخبار ’آفاق‘ کان پنھنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ پوءِ هو فيض احمد فيض جي ادارت ۾ نڪرندڙ مشھور رسالي ’ليل و نهار‘ سان لاڳاپجي ويو. اهو رسالو بند ٿيڻ کانپوءِ ڪراچيءَ آيو، جتي هن روزاني ’مشرق‘ ۽ ’اخبار خواتين‘ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. پوءِ هن روزاني ’ڊان‘ ۾ ادبي ۽ ثقافتي ڪالم لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو سندس وفات تائين جاري رکيائين.
حسن عابديءَ جي تصنيفن ۾: ’ڪاغذ ڪي ڪشتي‘، ’دوسري نظمين‘، ’جريده‘ ۽ ’فرار هونا‘ شامل آهن. هن جي وفات کان ڪجهہ عرصو اڳ سندس يادگيريون ’جنون جتني ڀي گذري‘ جي عنوان سان شايع ٿين. حسن عابدي هڪ سٺو مترجم بہ هو. هن مشھور دانشور ڊاڪٽر اقبال احمد جي 62 مضمونن جو اردو ترجمو، ’اقبال احمد ڪي منتخب مضامين’ جي نالي سان ڪيو. ان کانسواءِ هن جو ترجمو ٿيل هڪ ڪتاب ’ڀارت ڪا بحران‘ جي نالي سان پڻ شايع ٿيو. حسن عابديءَ ٻارن لاءِ بہ ڪيتريون ڪهاڻيون ۽ نظم لکيا. هو ڪراچي پريس ڪلب جو صدر بہ رهيو، هو هڪ ترقي پسند اديب هو ۽ ڪيترائي ڀيرا جيل بہ ويو. هن 6 سيپٽمبر 2005ع تي وفات ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي واديءِ حسين قبرستان ۾ آرامي آهي.


لفظ حسن عابديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.07.07  عيسوي

نامياري شاعر ۽ صحافي حسن عابديءَ جو پورو نالو حسن عسڪري عابدي هو. هن 7 جولاءِ 1929ع تي مظفر آباد ضلعي جي جونپور شهر ۾ جنم ورتو.


2005.09.06  عيسوي

نامياري شاعر ۽ صحافي حسن عابديءَ 6 سيپٽمبر 2005ع تي وفات ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي واديءِ حسين قبرستان ۾ آرامي آهي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چرنداس سھاڻي
سجاد ظھير
صبا دشتياري
سانول جمالي
حشو ڪيولراماڻي
خادم حسين لاکير ڊاڪٽر
زاهده تاج ابڙو
غلام محمد بلو
عزيز رانجهاڻي
شمشاد احمد سومرو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون