حسن ابدال

حسن ابدال: (شھر): حسن ابدال، پنجاب جي ضلعي اٽڪ جو اهم شھر آهي، هتي سکن جي مشھور زيارتگاھہ“پنجه صاحب“ جي درٻار آهي. جنهن ۾ هڪ پٿر رکيل آهي. جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ ان پٿر تي سکن جي روحاني پيشوا گرونانڪ جي هٿن جا نشان آهن. (وڌيڪ ڏسو: پنجه صاحب، جلد ٽيون).
هن شھر ۾ هڪ باغ بہ آهي، جنهن بابت ماڻهن جو چوڻ آهي تہ ان ۾ اڪبر بادشاھہ جي هڪ زال جي مزار آهي. حسن ابدال ۾ وڏا ۽ خوبصورت چشما وهن ٿا، جن ذريعي ڪيترا باغ سيراب ٿين ٿا. هتي هڪ ڪيڊٽ ڪاليج بہ قائم آهي. هر سال ويساک جي مهيني ۾ سک، پنجه صاحب جي زيارت لاءِ وڏي تعداد ۾ حسن ابدال ايندا آهن. انهن ڏينهن ۾ حسن ابدال ۾ ماڻهن جي ڏاڍي رش هوندي آهي. سکن لاءِ هيءُ شھر وڏي عزت ۽ احترام جي حيثيت رکي ٿو.


لفظ حسن ابدالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو