حسني ۽ حسيني: هن طريقي متعلق ڪتاب جنت السنڌ جو ليکڪ رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو تہ: حسني ۽ حسيني طريقي جو پهريون بزرگ امير ڪبير سيد قطب الدين مدنيرحه جو ڀاڻيجو هو. جنهن غوث الاعظم محبوب سبحانيرحه کان فيض پرايو ۽ شيخ نجم الدين ڪبريٰ کان بيعت ڪئي هئي. امير ڪبير کي رويائي صادقہ ۾ بارگاھہ نبويءَ کان هندستان وڃڻ ۽ جهاد ڪرڻ لاءِ حڪم مليو هو. پاڻ هزارين مريدن سان هجري ڇهين صديءَ جي ابتدا ۾ سنڌ ۾ پهتو. هتان نڪري دهليءَ ۽ ڪڙھہ مان ڪپور پهتو ۽ اُتي وفات ڪيائين. سيد احمد شھيد بريلوي، جنهن 19 صدي ۾ سکن خلاف جهاد ڪيو هو، سو سيد امير ڪبيررحه جي اولاد مان هو. گويا حسني ۽ حسيني طريقي جي ابتدا پهريان سنڌ مان ٿي ۽ اهو طريقو هتان ٿي پوءِ هندستان پهتو.