حسني قادري، علي اصغر شاھہ جيلاني: حسني قادري، سيد علي اصغر شاھہ جيلاني، وقت جو ولي ۽ عارف ٿي گذريو آهي، هن کي ’دريائي پير‘ بہ سڏيندا آهن. سندس ولادت نورائي شريف ۾ ٿي ۽ غوث اعظم دستگير پير عبدالقادر شاھہ جيلانيرح جي تيرهين پيڙهيءَ مان هو. سندس ديني، فلاحي خدمتن جو تذڪرو ’تحفة الڪرام‘ ۾ بہ آهي. هڪ روايت موجب پنھنجي وڏي ڀاءُ سيد علي اڪبر شاھہ جيلانيءَ سان گڏ درياھہ جي ڪناري واقع پنھنجي آستاني تي ويٺل هو. (ان وقت سنڌوءَ جو وهڪرو نورائي شريف مان هو.) تہ هڪ پريشان حال ٻڍڙي عورت روئندي اچي عرض ڪيو تہ منهنجو سڄو خاندان ٻيڙيءَ ۾ سوار آهي ۽ٻيڙي ٻڏڻ واري آهي. پاڻ ڳوڙهي تي چڙهي وڃي ٻڍڙي جي خاندان واري لهرن ۾ لڙهندڙ ٻيڙي سلامت ڪڍرايائين ۽ پنھنجي بزرگ پير عبدالقادر شاھہ جيلانيءَ جي روايت کي پورو ڪيائين. ان ڏينهن کان پوءِ مٿس ’دريائي پير‘ نالو پئجي ويو ۽ چون ٿا تہ بعد ۾ مستقل طور پنھنجي خاندان سان گڏ هڪ ٻيڙيءَ ۾ درياهي زندگي گذاريائين ۽ عبادت ڪيائين.
پير علي اصغر ’دريائي پير‘ جو وصال ٻيڙيءَ ۾ ئي 28 ربيع الآخر 1200ھہ تي ٿيو. هاڻوڪي ڪوٽڙي پل سان گڏ ساڄي هٿ تي سندس جسد خاڪي 6 مهينا امانت طور رکيو ويو، اها جاءِ هاڻي بہ ’دريائي پير جي تڪيي‘ طور مشھور آهي، بعد ۾ کيس درگاھہ نورائي شريف ۾ دفنايو ويو.
1200.06.28 هجري
پير علي اصغر ’دريائي پير‘ جو وصال ٻيڙيءَ ۾ ئي 28 ربيع الآخر 1200هه تي ٿيو. هاڻوڪي ڪوٽڙي پل سان گڏ ساڄي هٿ تي سندس جسد خاڪي 6 مهينا امانت طور رکيو ويو، اها جاءِ هاڻي به ’دريائي پير جي تڪيي‘ طور مشهور آهي، بعد ۾ کيس درگاهه نورائي شريف ۾ دفنايو ويو.