حسني قادري زين العابدين شاھہ جيلاني

حسني قادري، زين العابدين شاھہ جيلاني: سيد زين العابدين شاھہ جيلاني، وقت جو ولي هو. سندس جواني، بزرگي ۽ وفات رسول اڪرم صلي عليہ وسلم جي زندگيءَ جي پيروي هئي. ننڍپڻ کان وٺي عشقِ رسول ۾ پاڻ کي سمائي ڇڏيو هئائين. پير صاحب جو شعر آهي:
اَڄ بہ آڌيءَ رات جو مون کي سُهڻو سرور ياد پيو،
ننڊ نيڻن جي ڦٽي، مون کي هوت هر هر ياد پيو،
عشق ٻارڻ ٻاريا، مون ماڳ مديني جا ساريا،
گهوڙا گهوڙا! ڪيئن گهاريان مون کي گهوٽ گوهر ياد پيو!
پير صاحب وٽ ماڻهن جا ميڙا متل هوندا هئا، جنهن ۾ امير ۽ غريب جو متڀيد نہ هوندو هو. سندس مجلس ۾ هميشہ ذڪر رسول صلعم هوندو هو. پير صاحب خداداد صلاحيتن جو مالڪ هو، کيس شاعريءَ تي بہ ملڪو حاصل هو. عام حالتن ۾ بہ سندس گفتگو پُر اثر، ادب ۽ سخن جو اعليٰ نمونو هوندي هئي. روزانو رات جو تھجد ادا ڪري، جماعت سان گڏ سرڪار مدينھ عليہ الصلوات والسلام جي حضور صلاة سلام پيش ڪندو هو. سندس وفات بہ ڪرامت جو نمونو هئي. زندگيءَ جي آخري جمعي نماز ادا ڪري، اعلان ڪيائين تہ ”جيڪڏهن مون تي ڪنهن جو بہ ڪو حق ۽ قرض هجي تہ ادا ڪريان، شايد ٻيهر موقعو نہ ملي.“ وصال واري رات سڀني مريدن ۽ خادمن کي گهرائي موڪلايائين. ان کان پوءِ اهل اولاد کي گهرائي ضروري وصيعتون ۽ نصيحتون ڪيائين ۽ چيائين تہ اڄ رات چئين وڳي منهنجو وصال ٿيندو.“ پوري ٽين وڳي رات جو پنھنجي فرزند پير غلام شاھہ جيلانيءَ کي گهرائي، مريدن خادمن جي موجودگيءَ ۾ کين صلاة ۽ سلام پڙهڻ جو چئي، پاڻ اشارن سان تھجد ادا ڪري، بستري تي جماعت سان گڏ صلواة سلام پڙهائي کين چيو تہ منهنجا هٿ پير سڌا ڪريو ۽ ٺيڪ چئين وڳي رات جو وصال ڪيائين. سندس مزار نورائي شريف ۾ آهي، جتي ساليانو عرس 14 محرم جي رات عيقدت مان ملهايو ويندو آهي، ۽ 14 ربيع الاول تي خانقاھہ عاليه جيلانيه، جيلاني هائوس مڪلي (ٺٽي) ۾ سندس فرزند پير غلام شاھہ جيلاني عقيدت مان ملهائيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو