حـزب الله آءِ

حـزب الله آءِ

حزب ﷲ آءِ سومرو

حـزب ﷲ آءِ. سـومـرو: اديــب ۽ ليکڪ، حزب ﷲ ولد الاهي بخش سومرو المعروف حزب ﷲ آءِ. سومرو، 15 مئي 1966ع تي ڦل واهڻ، تعلقي ۽ ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم. اي، بي. ايڊ آهي. 1987ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. هن لکڻ جي شروعات 1978ع کان ٻاراڻن رسالن: ’گل ڦل‘ ۽ ’گلڙا‘ کان ڪئي.
ســندس هيـٺيـان ڪـتاب ڇپيـل آهـن: (1) اقــوال خـلـفـاءِ راشـديـن، (2) شـناختي ڪارڊ ۾ مذهب جو خانو، (3) ڏند نہ ڇيڪ (لطيفا: ٻہ ڇاپا)، (4) ڏنـد نہ ڇـيــڪ (مزاحيہ شاعري: ٻہ ڇاپا)، (5) شـاهـه عـثمـان قـريـشــي، (6) اسلام تي اعتراضن جي ڇنڊڇاڻ، (7) تنقيدي جائزا، (8) سچل جو فڪر.
حزب ﷲ سومرو، ’روشني‘، ’ارم‘، ’ڏات‘، ’سومرا‘، ’استاد‘، ’نقاد‘، ’سرجڻهار‘ ۽ ’آواز‘ رسالن جو مرتب ۽ انهن جي سهڪاري سٿ جو ميمبر رهيو آهي. ’ڪُــوڪ‘ پـبليـڪيـشـن ۽ ’عــلــم دوسـت ادبـي سـنگـت‘ جو باني چيئرمئن، آل سنڌ مسجد اسڪول ٽيچرس ايسوسيئيشن ضلعي خيرپور جو پريس سيڪريٽري، تنوير عباسي يادگار ڪميٽيءَ جو خزانچي، سچل يادگار ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ سومرا ادبي سنگت جو باني رهيو آهي.
سندس تنقيدون ۽ ڪالم اڪثر اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهندا آهن. سندس هيٺيان ڪتاب جھڙوڪ: ’خيرپور تاريخ جي آئيني ۾‘، ’راءِ دور تاريخ جي آئيني ۾‘، ’نصابي تنقيدون‘ ۽ ’ادبي تنقيدون‘ ڇپائيءَ هيٺ آهن.
هن کي ضلعي حڪومت خيرپور، سنڌي ادبي سنگت ڪولاب جيئل ۽ ايف. ايم. 92- خيرپور طرفان بھترين استاد، نقاد ۽ محقق جا اوارڊ ملي چڪا آهن.
حزب ﷲ آءِ. سومري جي مستقل رهائش سومرا محلا، نزد ماچيس فيڪٽري، خيرپور ميرس ۾ آهي


لفظ حزب ﷲ آءِ سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.05.15  عيسوي

اديــب ۽ ليکڪ، حزب الله ولد الاهي بخش سومرو المعروف حزب الله آءِ. سومرو، 15 مئي 1966ع تي ڦل واهڻ، تعلقي ۽ ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

هزار خان بجاراڻي
حڪيم حسين سيوهاڻي
خورشيد احمد شاھہ
جمالي حاجي علي بخش
حاجي شفيع محمد مسجدي
پونٽنگ رڪي ٿامس
شبير حسن گبول
رُٿ فاءَ، ڊاڪٽر Dr. Ruth Pfau
جواهر لعل نهرو
اميران بيگم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون