حرا غار

حرا غار

حرا غار

حرا، غار (ماڳ): هيءَ غار، مڪي کان اتر اوڀر طرف ٽن ميلن جي پنڌ تي آهي، ان جي ڀرسان شبير نالي مشھور جبل واقع آهي. هن جبل تي ڪنڊيدار ٻوٽن کان سواءِ ڪا بہ اوڀڙ نہ ٿي اڀري. حرا، شبير جبل کان وڌيڪ اوچائيءَ تي آهي، جنهن جي مٿان هڪ سڌي لاهي ۽ ترڪندڙ چوٽي آهي.
ان چوٽيءَ تي حضور اڪرم صلي عليہ وسلم جن هڪ ڀيرو اصحابن سان گڏ چڙهيا هئا ۽ اعلان نبوت کان اڳ هن غار ۾ ڪيترا ڏينهن اچي رب پاڪ جي عبادت ڪندا هئا. جڏهن کائڻ پيئڻ جو سامان ختم ٿي ويندو هو تہ گهر اچي سامان کڻي وري غار ۾ موٽي ويندا هئا.
مٿن پهرين وحي بہ هن غار ۾ نازل ٿي هئي تہ:
پڙهو (اي نبي صہ) پنھنجي رب پاڪ جي نالي سان جنهن پيدا ڪيو، ڄميل رت جي دِڳ مان انسان کي. پڙهو تہ توهان جو رب وڏو ڪريم آهي. جنهن قلم ذريعي علم سيکاريو. انسان کي اهو علم ڏنو جيڪو هو نہ ڄاڻندو هو (69: تا 5).
27 رمضان جي ڏهاڙي اها وحي نازل ٿي، ان وقت حضور اڪرم صلي عليہ وسلم جن جي عمر چاليھہ ورهيہ هئي. حاجي سڳورا غار حرا جي زيارت تي ويندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو