
حديقة الاولياء
حديقة الاولياء (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف سيد عبدالقادر بن سيد محمد هاشم بن سيد محمد الحسيني ٺٽوي آهي. هيءَ تصنيف 11 صدي هجريءَ جي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي عالمن، صالحن ۽ بزرگن جو تذڪرو موجود آهي. هن ڪتاب ۾ خاص طرح ٺٽي جي بزرگن جو تفصيلي بيان آهي. ڪتاب ۾ 44 بزرگن جي زندگيءَ جو احوال موجود آهي، انهن جا نالا هي آهن: شيخ بھاؤالدين ملتاني، شيخ رڪن الدين، مخدوم لعل شهباز، شيخ پٺو، شيخ حماد جمالي، شيخ جيو، شاھہ مراد، سيد علي شيرازي، سيد نظام بکري، (شيخ نوح بکري، مخدوم حسام الدين، مخدوم بلاول،قاضي ڏتو سيوهاڻي'> قاضي ڏتو سيوهاڻي، درويش احمد، محمد ولد شيخ هوٿي، درويش حسن مقوي، مخدوم ساهر لنجار، مخدوم عربي دياڻو، مخدوم نوح هالائي، درويش وهيون، مخدوم اسماعيل سومرو، درويش رڪن الدين، درويش راڄو، شيخ ڀرڪيو ڪاتيار، درويش چرڪس، شيخ عيسيٰ آهيداڻي، درويش صدر، منبو ناريجو، درويش سهتو، درويش ابراهيم، درويش علاؤالدين، قاضي سَڌو، درويش يحيٰ، قاضي خيرالدين، يعقوب پليجو، شيخ مغل چاچڪ، شيخ ڀريو، شيخ عمر بودلو ۽ درويش الو.
سنڌي اوليائن بابت هيءُ تذڪرو سن 1016ھہ بمطابق 1607ع ۾ سيد عبدالقادر ٺٽويءَ لکيو. پير حسام ﷲ راشديءَ ان جو سنڌيءَ ۾ 102 صفحن تي مشتمل مقدمو لکيو آهي، جنهن ذريعي سنڌ اندر هن موضوع تي فارسيءَ ۾ لکيل ڪل 86 ڪتابن جو پتو لڳايو ويو آهي. سوانح جي موضوع تي ڪم ڪندڙن لاءِ هيءُ مقدمو مشعل راھہ آهي. ان سان گڏ سيد عبدالقادر پاران هن ڪتاب جو تنقيدي جائزو ڏيڻ جي ڪوشش بہ ڪيل ڏسجي ٿي. فارسيءَ جو هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران 1967ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن فارسي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڊاڪٽر عبدالرسول قادري ڪيو آهي. جنهن جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر عبدالرسول قادري ڄاڻائي ٿو تہ: ”’حديقة الاولياء‘ ڪتاب جي مصنف سيد عبدالقادر ٺٽوي بابت ڊاڪٽر حامد علي قريشي خانائيءَ جو تحقيقي مقالو ڪتاب ’مقالا‘ بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ شايع ٿيو آهي. ان مقالي ۾ محقق خانائي سيد عبدالقادر کي ٺٽوي نہ بلڪہ نصرپوري ثابت ڪيو آهي، ان ڪري ڪتاب جي ترجمي جي آخر ۾، ڊاڪٽر خانائيءَ جو مقالو ضميمي طور شامل ڪيو ويو آهي، تہ جيئن مصنف بابت نئون مواد سامهون رهي.“
ڊيمي سائيز، فور ڪلر جي ٽائيٽل سان 232 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان 2007ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن جي قيمت 160 روپيا ڄاڻايل آهي.