
حديبيه
حديبيه: عربستان جو هڪ هنڌ، جتي 628ع ۾ حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم ۽ قريشن جي وچ ۾ صلح نامو ٿيو. هي علائقو مڪي کان 30 ميلن جي مفاصلي تي پهاڙين جي خاتمي واري هنڌ آهي. اسلام جي ابتدائي ڏينهن ۾ هتي هڪ کوھہ موجود هوندو هو، جيڪو حاجين ۽ مسافرن جي پاڻيءَ جو اهم ذريعو هو. هتي هڪ وڻ بہ موجود آهي، جنهن جي هيٺيان نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم اصحابين کان جان نثاريءَ جو واعدو ورتو هو، ان ڪري ان وڻ کي هينئر وڏي اهميت حاصل آهي. هن هنڌ بابت قرآن شريف ۾ آيل آهي تہ: ”اي رسول! جيڪي ماڻهو تو سان بيعت ڪري رهيا هئا، اهي اصل ۾ ﷲ سان بيعت ڪري رهيا هئا، انهن جي هٿ تي ﷲ جو هٿ هو ۽ هاڻي جيڪو ان واعدي کي ٽوڙيندو، ان جي واعدي خلافيءَ جو وبال ان جي ذات تي پوندو ۽ جيڪو هن واعدي سان وفا ڪندو، ڄڻ ان ﷲ سان وفا ڪئي ۽ ﷲ تمام جلد ان کي وڏو اجر ڏيڻ فرمائيندو.“
هن هنڌ تي ڪنهن بہ آبادي وغيرہ جا نشان موجود ناهن. اڄڪلھہ هيءَ جڳھہ پوليس جي چوڪيءَ طور ڪتب اچي ٿي. رسول ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم پاران صلح حديبيه جهڙو معاهدو هن هنڌ تي ٿيڻ ڪري هن جاءِ جي وڏي اهميت آهي.