حدر واھہ: هيءُ واھہ، ٿڌي واري نئن مان زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ کوٽايو ويو، جيڪو ڄامشوري ضلعي جي مول واري علائقي کان وهي ايندڙ ’ٿڌِي نئن‘ گنداکي کان پوءِ ديھہ حدر واھہ جي حدن مان گذري ڪراچي ضلعي ۾ داخل ٿئي ٿو. انهيءَ ديھہ مان ڊيم کان پوءِ ٿڌي نئن مان هڪ ڇاڙ (شاخ) ڪونڪر نالي سان الڳ ٿئي ٿي. دُنبا ڳوٺ کان اڳ ۾ حدر واھہ ٻيهر ٿڌي نئن سان وڃي ملي ٿو.
- تپي گڏاپ، تعلقي ڪراچيءَ جي هڪ ديھہ جو نالو، جنهن جي پويان ’حدر واھہ‘ کوٽايل آهي.