حجام: وار ڪٽيندڙ، سنوارت ٺاهيندڙ ۽ ٻهراڙين ۾ ختنو/ طھر سنت ڪندڙ کي حجام چيو ويندو آهي. اسلامي ريت موجب مسلمانن ۾ ٻار جي ننڍي عمر ۾ ان جو طھر ڪرايو وڃي ٿو (وڌيڪ ڏسو: ختنو، جلد چوٿون). هيءُ مخصوص ڪرت آهي جنهن موجب هن ڪرت سان لاڳاپيل شخص طھر ڪرڻ مھل گهوٽ بڻايل ٻار جي ختني جي رسم ادا ڪندو آهي. ٻهراڙين ۾ هاري ناري حجمن سان آهت (هر ڇھہ ماهي تي روڪ رقم بجاءِ اناج وغيرہ ڏيڻ) رکي کانئن ڀت، شادين، مرادين يا ڀت وغيرہ بہ رڌائيندا آهن. سنڌ ۾ هيءَ هڪ ذات بہ آهي. جيڪي اهڙو ڪم سر انجام ڏيندا آهن. جڏهن تہ اڄڪلھہ پاڪي ذريعي مختلف وچرندڙ بيمارين جي خدشي سبب اڪثر ماڻهو پنھنجي ٻارن جي سنت طھر واري رسم ڊاڪٽر کان ڪرائيندا آهن.