حجاب امتياز علي

حجاب امتياز علي

حجاب امتياز علي

حجاب امتياز علي: اردوءَ جي نامور ليکڪا، ناول نگار، افسانہ نگار، ڊرامـا نـويـس ۽ مترجم، حجاب امتياز علي ڌيءَ نواب سر محمد اسماعيل، 4 نومبر 1908ع تي حيدرآباد دکن ۾ پيدا ٿي. سندس والد دکن جو پهريون سيڪريٽري هو ۽ سندس والدہ عباسي بيگم پنھنجي دؤر جي نامور ليکڪہ هئي. حجاب امتياز علي عربي، اردو ۽ موسيقيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ لکڻ جي شروعات مختلف ادبي رسالن ۾ افسانا، ناول ۽ ڊراما لکڻ سان ڪئي. ابتدا ۾ ’حجاب اسماعيل‘ جي نالي سان لکندي هئي. سندس ناول ۽ افسانا گهڻو ڪري ’تھذيب نسوان‘ رسالي ۾ شايع ٿيندا هئا، جنهن جو ايڊيٽر سندس مڙس امتياز علي تاج هو. فلائينگ ڪلب جي ميمبرشپ حاصل ڪرڻ کانپوءِ کيس برصغير جي پهرين هوا باز خاتون جو اعزاز حاصل ٿيو. سندس شايع ٿيل ناولن ۾ ’ظالم محبت‘، ’اڌورا‘ ۽ ’پاگل خانہ‘، جڏهن تہ افسانن ۾ ’نا تمام محبت‘، ’ممي خانہ‘، ’ڪالي حويلي‘، ’لاش‘ ۽ ’هيبت ناڪ افسانہ‘ شامل آهن.
حجاب امتياز عليءَ 17 مارچ 1999ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي.


لفظ حجاب امتياز عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1908.11.04  عيسوي

اردوءَ جي نامور ليکڪا، ناول نگار، افسانه نگار، ڊرامـا نـويـس ۽ مترجم، حجاب امتياز علي ڌيءَ نواب سر محمد اسماعيل، 4 نومبر 1908ع تي حيدرآباد دکن ۾ پيدا ٿي.


1999.03.17  عيسوي

حجاب امتياز عليءَ 17 مارچ 1999ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد خان سيال
چانڊيو عبدالحئي پروفيسر
بالزاڪ
ڪشنچند جيٽلي
خواند مير
محمد حسين ڪروڙ پتي
رسول بخش تميمي
جيئل اوڏ
ٺاڪر چاولا
آفتاب ابڙو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون