حب ڊئم

حب ڊئم

حب ڊئم

حب ڊئم: سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ۽ صوبي جي وڏي ۾ وڏي شھر ڪراچيءَ کي پاڻي مهيا ڪندڙ هي ٽيون وڏو ذريعو آهي، جيڪو گڏاپ جي علائقي ۾ حب نديءَ تي ٺهيل آهي. هتان ڪئنال ذريعي ڪراچيءَ کي پاڻي ڏنو ويندو آهي. حب ڊئم 83 چورس ڪلو ميٽرن تي ڦهليل آهي. 1973ع ۾ هن ڊئم جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1981ع ۾ مڪمل ٿيو. حب ڊئم مان روزانو ڏھہ ڪروڙ گيلن پاڻي ڪراچيءَ کي ڏنو ويندو آهي، حب ڊئم کان وٺي منگهي پير تائين هن ڪئنال جي ڪناري سان 15 کان مٿي ڳوٺ آباد آهن، جن کي ڪئنال مان پاڻي نہ ملندو آهي. هن ڪئنال جو پاڻي زراعت توڙي فارمن لاءِ مهيا ٿئي ٿو. هتان ئي همدرد فائونڊيشن جي باغ، همدرد پبلڪ اسڪول ۽ همدرد جي بيت الحڪمت يونيورسٽيءَ کي بہ پاڻي ڏنو وڃي ٿو. حب ڊئم جو پاڻي منگهي پير لڳ، حب پمپنگ اسٽيشن وٽان فلٽر ٿيڻ کانپوءِ، شھر ڏانهن وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ڪراچيءَ کي روزانو ڪينجهر مان 1800 ڪيوسڪ پاڻي، حب ڊئم مان 10 ڪروڙ گئلن ۽ ڊملوٽي ڪئنال مان 100 لک گئلن پاڻي ملي ٿو.


لفظ حب ڊئمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو