حبيب ﷲ ڪلهوڙو

حـبيـب ﷲ ڪلـهـوڙو (رانديگر): فوٽ بال جو بھترين رانديگـر اسـتـاد حبيب ﷲ ڪلهوڙو، 11 نومبر 1936ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ سيڪنڊري تعليم جيڪب آباد مان حاصل ڪيائين. 1978ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي جي ڊگري ورتائين، کيس ننڍپڻ کان ئي فوٽ بال راند جو تمام گهڻو شوق هو، اڳتي هلي 1954ع کان راند جي باقاعدي شروعات ڪيائين ۽ سنڌ جي فوٽ بال ٽيم جو ڪئپٽن مقرر ٿيو. هيءُ 1968ع ۾ مشرقي پاڪستان کيڏڻ ويو. 1988ع تائين سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رانديون کيڏي ڪاميابي حاصل ڪيائين، ڪيترائي اوارڊ، تمغا، ڪپ ۽ ٻلا حاصل ڪيائين. هن بيسٽ ايٿليٽ جي حيثيت سان ريس، لانگ جمپ ۽ هاءِ جمپ ذريعي بہ ڪيترا انعام حاصل ڪيا. کيس 1958ع ۾ تعليم کاتي ۾ نوڪري ملي، جنهن کانپوءِ 1996ع ۾ رٽائر ٿيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ جيڪب آباد جي شاگردن کي راند جي سکيا ڏيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.11.11  عيسوي

فوٽ بال جو بهترين رانديگـر اسـتـاد حبيب الله ڪلهوڙو، 11 نومبر 1936ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيري رحمان
عمرو بن مسلم الباهلي
حافظ عبدالستار ڪوريجو
ٽالپر مير سهراب خان
ايوب خان
حڪيم قاضي عبدالعزيز عزن مورائي
راما پير
راز شاهاڻي
ثابت بن قيس
حال ﷲ ڪلهوڙو اول
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون