حبيب ڪوٽ 2

حبيب ڪوٽ 2: حبيب ڪوٽ ضلعي شڪارپور. تعلقي ڳڙهي ياسين جو شھر ۽ ريلوي اسٽيشن آهي. روايت آهي تہ هڪ صدي اڳ هتي مھر قبيلي جا ٻہ ڀائر اچي آباد ٿيا، جن مان وڏي ڀاءُ پنھنجي گهر کي ڪوٽ ڏياريو، جيڪو حبيب ڪوٽ سڏيو ۽ ننڍي ڀاءُ ڳوٺ کي ڪوٽ ڏياريو، جيڪو ’شير ڪوٽ‘ سڏجڻ ۾ آيو. هن ڳوٺ ۾ مهرن جا 500 کان وڌيڪ گهر آهن. هتي ريلوي جي جنڪشن اسٽيشن آهي، جتان روهڙي، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي طرف ريل گاڏيون وڃن ٿيون. هتي ڇوڪرن لاءِ پرائمري ۽ مڊل اسڪول ۽ ڇوڪرين لاءِ پرائمري اسڪول موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو