
حبيب ساجد
حبيب ساجد: مشھور شاعر ۽ ترجمي نگار حبيب ساجد جو پورو نالو حبيب ﷲ ولد رحمت ﷲ ڪورڪاڻي بلوچ آهي. سندس جنم 25 ڊسمبر 1968ع تي ڳوٺ گل محمد بلوچ نزد ڪوٽ مير محمد، تعلقي ڪنگري ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۽ مئن پرائمري اسڪول لقمان، خيرپورميرس مان حاصل ڪئي، ثانوي تعليم ڪجهہ عرصو نازپائلٽ هاءِ اسڪول خيرپورميرس مان پڙهيو ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول پريالوءِ مان ڪئي. ان کان علاوہ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپورميرس مان 1994 ۾ آثار قديمہ (آرڪيالاجي) ۾ ماسٽرس ڪئي. هن شاعريءَ جي شروعات 1990ع کان ڪئي. سندس شاعريءَ ۽ مضمونَ ماهوار ڪينجهر، نئين زندگيءَ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن. هن ڪيترو عرصو ماهوار ڪينجهر ۾ ’ڪافڪا جي ڊائريءَ‘ ترجمو ڪئي. هن سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ھڪ ويب سائٽ سنڌويب.نيٽ پڻ تيار ڪئي جنھن جي اينڊرائيڊ ورزن تي ھو ھن وقت ڪم ڪري رھيو آھي. ويب سائٽ ۾سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي ليک ۽ مضمون شامل آهن. فوٽوگرافيءَ سان چاھہ سبب فيس بوڪ تي سندس فوٽوگرافيءَ جو صفحو پڻ موجود آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘ھڪ شاعرہ ڏانھن لکيل خط’ (شرف بلوچ'>فھميدہ شرف بلوچ ڏانھن)، ‘تنھنجي وئي کانپوءِ’ (شاعري: علي عابد ۽ ابراهيم کرل سان گڏ: 1995ع)، ۽ ‘چونڊ نوبل ڪھاڻيون’ (ترجما ممتاز بخاريءَ سان گڏ: 1996ع) شامل آهن. ان کان سواءِ هن پئبلو نرودا، امارو ۽ شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ تي ‘چنڊ، سمنڊ ۽ خواب’ جي عنوان سان هڪ ڪتاب بہ ترتيب ڏنو آهي. هن وقت ريلوي کاتي ۾ ٽرين انچارج گارڊ آهي ۽ ماڪا ڳوٺ سکر ۾ رھائش پذير آھي. روزاني ”پنھنجي اخبارَ“ ۾ ”ھڪ جپسي ڪالم“ جي سري سان سندس هفتيوار ڪالم بہ شايع ٿيندو رهي ٿو.
1968.12.25 عيسوي
مشھور شاعر ۽ ترجمي نگار حبيب ساجد جو پورو نالو حبيب الله ولد رحمت الله ڪورڪاڻي بلوچ آهي. سندس جنم 25 ڊسمبر 1968ع تي ڳوٺ گل محمد بلوچ نزد ڪوٽ مير محمد، تعلقي ڪنگري ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو.