حبيب الرحمان ڏيپلائي

حبيب الرحمان ڏيپلائي

حبيب الرحمان ڏيپلائي

حبيب الرحمان ڏيپلائي: نامور ليکڪ حبيب الرحمان ڏيپلائي ناليواري صحافي ۽ اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو ننڍو پٽ هو. سندس جنم 31 ڊسمبر 1952ع تي حيدرآباد شھر ۾ ٿيو. پنھنجي والد وانگر قومي درد رکندو هو. هيءُ پنھنجي دور جو متحرڪ شاگرد اڳواڻ رهيو. هيءُ 1970ع واري اليڪشن دوران ووٽرن جون لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپائڻ واري تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ بک هڙتال تي ويٺو، جنهن دوران لالا قادر ۽ ٻين شاگرد ساٿي اڳواڻن سميت کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، جنهن تي مزاحمتي شاعر نياز همايونيءَ ڊاڪٽر حبيب الرحمان جي جدوجھد کي سـاراهيـنـدي هـڪ نـظـم ۾ ذڪـر ڪـيـو. ڊاڪٽر حبيب الرحمان 1980ع ۾ ايم. بي. بي. ايس پاس ڪري ڊاڪٽر ٿيو. هن مختلف بيمارين ۽ طبي مسئلن تي روزاني ’عبرت‘ اخبار ۾ ڪيترو ئي عرصو ڪالم لکيا. هن 24 جنوري 1994ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھہ بابن شاھہ حيدرآباد واري قبرستان ۾ آهي.


لفظ حبيب الرحمان ڏيپلائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.12.31  عيسوي

حبيب الرحمان ڏيپلائي جو جنم 31 ڊسمبر 1952ع تي حيدرآباد شهر ۾ ٿيو.


1994.01.24  عيسوي

حبيب الرحمان ڏيپلائي 24 جنوري 1994ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه بابن شاهه حيدرآباد واري قبرستان ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

روپلو ڪولهي
احمد علي خان پتافي
جارج ابراهَم گريئرسن
چوٽاڻي سپڙ
عبدالمجيد مري سنڌي پروفيسر
الاهي بخش ٻانڀڻ
عبدالحق شيخ 2
آريسر پانڌي
ڪمار گهنشاڻي
چانڊيو احمد علي ’صابر‘
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون