
حبيب ابراهيم رحمت الله
حبيب ابراهيم رحمت ﷲ: سنڌ جي اڳوڻي گورنر حبيب ابراهيم، 10 مارچ 1912ع تي بمبئيءَ ۾ جنم ورتو. بمبئي يونيورسٽيءَ مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين. حبيب ابراهيم جو والد سر ابراهيم رحمت ﷲ 1931ع کان 1933ع تائين مرڪزي قانون ساز اسيمبليءَ جو صدر رهي چڪو آهي. حبيب ابراهيم پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ محمد علي جناح جي هدايت تي مسلمانن لاءِ ‘ايوان تجارت ۽ صنعت’ قائم ڪيو. ان کانسواءِ بئنڪاري، جھاز راني ۽ هوائي ڪمپنيءَ جي شعبن ۾ MCB، محمدي ۽NET جو بنياد وڌو. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر رهيو. راندين جي شعبي ۾ بہ خدمتون سر انجام ڏنائين. 53-1952ع ۾ فرانس ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ٿيو. 1954ع ۾ پهريائين سنڌ ۽ پوءِ پنجاب جو گورنر رهيو. 1955ع ۾ واپار جو وفاقي وزير ٿيو، 1958ع ۾ جنرل ايوب خان کيس ڪراچيءَ جي مسئلن حل ڪرڻ جي ذميواري سونپي. ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو، کيس 1969ع ۾ ريڊ ڪراس جو سربراھہ بڻايو ويو ۽ 1972ع ۾ استعيفا ڏنائين. اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي 1987ع ۾ کيس پاڪستان لاءِ ڪيل جدوجھد طور تمغو ڏنو. هن واپار ۽ صنعت کانسواءِ مختلف سماجي ۽ فلاحي ادارن جي قيام لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. 3 جنوري 1991ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين.
1912.03.10 عيسوي
سنڌ جي اڳوڻي گورنر حبيب ابراهيم، 10 مارچ 1912ع تي بمبئيءَ ۾ جنم ورتو.
1991.01.03 عيسوي
3 جنوري 1991ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين