حبدار سولنگي

حبدار سولنگي

حبدار سولنگي

حبدار سولنگي: نوجوان شاعر حبدار ولد علي بخش سولنگي، پهرين مارچ 1978ع تي ڳيريلي تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي. سندس تعليم ايم. اي سنڌي آهي. هن لکڻ جي شروعات 1993ع ۾ ڪئي. سندس شاعريءَ جا 2 ڪتاب ‘سانت جو آواز’ 2004ع ۽ ‘خواب ٿا کولين اکيون’ 2015ع ۾ ڪنول پبليڪيشن- قنبر طرفان شايع ٿيل آهن. جڏهن تہ: ‘روشنيءَ جون ريکائون’ 2004ع، ۽ ‘اداس روح ازل کان’ 2015ع ۾ ترتيب ڏنل آهن. هن ٻاراڻي ادب ۾ ڪيترائي نظم ۽ گيت لکيا آهن. سندس شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڳيريلي جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي ۽ ڳيريلو هسٽاريڪل سوسائٽي جو جنرل سيڪريٽري آهي. حبدار هن وقت ڳيريلي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.03.01  عيسوي

نوجوان شاعر حبدار ولد علي بخش سولنگي، پهرين مارچ 1978ع تي ڳيريلي تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رودڪي
امام علي شاھہ
پلي عبدالڪريم
عزيز ﷲ عزيز بروهي
بکر شيخ
پرڀو وفا
راز شيخ عبدالرزاق
عطا حسين حافظ بجاراڻي
فقير فتح محمد
پريم پتافي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون