حامد ﷲ ’حامد‘ تنيو

حامد ’حامد‘ تنيو: مشھور بزرگ، عالم۽ شاعر، ميان حامد حضوريءَ جو پورو نالو حامد ولد روشن علي فقير تنيو هو. سندس والد روشن علي تنيو وڏو عالم ۽ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جو ڄاڻو هو. هو رئيس ميرو خان جي دؤر ۾ ڀٽين جي ڀرسان هڪ ڳوٺ مان لڏي اچي ميرو خان شھر ۾ ويٺو. هيءُ بزرگ خدا رسيدہ حال ۽ ڪال جو صاحب هو. حامد حضوريءَ جو جنم 12 جنوري 1798ع ۾ ميرو خان ضلعي قنبر-شھدادڪوٽ ۾ ٿيو. هن جي تعليم ۽ تربيت والد جي نگرانيءَ هيٺ ٿي، ديني تعليم جي تڪميل کان پوءِ پوري ڄمار عبادت، وعظ ۽ تبليغ ۾ گذاري، وقت قرآن جي تلاوت، درس ۽ تدريس ۾ صرف ڪندو هو. حامد حضوري جي درس ۽ تدريس ۾ صرف ڪندو هو. حامد حضوري جي درس ۽ تدريس جي نتيجي ۾ ڪيترا ماڻهو پري کان لڏي اچي ميروخان ۾آباد ٿيا. هن بزرگ جي ماڻهن وٽ وڏي مڃتا هئي. حامد پنھنجي پيءُ جي وفات بعد گادي نشين بڻيو.
حامد الله، عالم ۽ شاعر هو. ميان حامد جي لقب ’حضوري‘ بابت روايت آهي تہ اهو لقب کيس بشارت۾ حاصل ٿيو هو. ميان حامد ابتدا ۾ شاعري ڪئي ۽ ڪافيون ۽ مناجاتون لکيون. سندس مناجاتون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب ’مداحون ۽ مناجاتون‘ ۾ شامل آهن. سندس ڪيترو ڪلام گم ٿي ويو.
هن بزرگ 3 نومبر 1873ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ ميرو خان، قنبر- شھدادڪوٽ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1798.01.12  عيسوي

حامد حضوريءَ جو جنم 12 جنوري 1798ع ۾ ميرو خان ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ ۾ ٿيو.


1873.11.03  عيسوي

هن بزرگ 3 نومبر 1873ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رفيعه ملاح
صابر موچي
حاجي عبدالله ڊکڻ
سرور علي سرور سلاوٽ
احسان علي شاھہ 1
اويس ‘قرني’
روشن تبسم
امام الدين ضامن
اسماعيل اداسي
سعيدالزمان عاطف
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون