حامد علي ميمڻ، ماستر

حامد علي ميمڻ، ماستر

حامد علي ميمڻ ماستر

حامد علي ميمڻ، ماستر: ناليوارو استاد حامد علي ولد ميان عبدالله ميمڻ هالائي، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهروفيروز جو ويٺل هو. هي نوشهري مدرسي ۾ پڙهيو ۽ استاد مقرر ٿيو. ڪوٽڙيءَ جي ڊپٽي ڪليڪٽر عبدالله ميان عثمان قريشيءَ، هن کي 5 جنوري 1918ع تي خاص ڪري جي. ايم. سيد کي انگريزي پڙهائڻ لاءِ سن موڪليو. جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ۾ ماستر حامد عليءَ لاءِ لکي ٿو ته: ”ماستر حامد علي ڏيڍ سال کن مون وٽ رهيو ۽ انگريزيءَ جي تعليم ڏنائين. ٿوري گهڻي انگريزي جيڪا مون کي اچي ٿي، ان جو بنياد سندس معرفت پيو، انگريزي تعليم کان زياده سندس ذريعي مون کي عام سياسي معلومات نصيب ٿي، جنهن جو مختصر ذڪر ’پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني‘ ڪتاب ۾ ڪيو اٿم.“ بعد ۾ حامد علي ميڊيڪل اسڪول حيدرآباد ۾ ڪجهه سال پڙهيو، آخري امتحان پاس ڪرڻ کانسواءِ ڳوٺ وڃي رهيو. زمينداريءَ جي شوق سبب ڪافي ملڪيت ٺاهيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.01.05  عيسوي

ڪوٽڙيءَ جي ڊپٽي ڪليڪٽر عبدالله ميان عثمان قريشيءَ، هن کي 5 جنوري 1918ع تي خاص ڪري جي. ايم. سيد کي انگريزي پڙهائڻ لاءِ سن موڪليو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽي مخدوم احمد
سليم ناصر
اسڪو پارپولا
سيد غلام قادر شاهه ثاني نصرپوري
غلام رسول شاھه1
رئيساڻي غوث بخش
الاهي بخش ٻانڀڻ
الستي عبدالغفور
ڀاشاني عبدالحميد خان
آدم خان مري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون