حافظ محمود اسعد هاليجوي: حافظ محمود اسعد ولد مولانا ﷲ هاليجوي'>حماد ﷲ هاليجوي، 1345ھہ/ 1924ع ڌاري پني عاقل لڳ ڳوٺ هاليجي شريف ۾ ڄائو. قرآن پاڪ جي تعليم ڳوٺ ’ڪوٺو چاچڙ‘ جي مدرسي مان حاصل ڪيائين. عربيءَ جي تعليم ڳوٺ حاجي رحمت ﷲ گبول ۾ پڙهڻ بعد قرآن پاڪ جو حفظ ڪيائين. هيءُ ٺيڙهي، گهوٽڪي، پني عاقل ۾ بہ ديني تعليم پڙهيو، لوڙهي واري مدرسي مان دستاربندي ٿي. سياسي ميدان ۾ ’جميعت العلماءِ اسلام‘ جي پليٽ فارم تان 1970ع ۾ چونڊ وڙهي ايم. اين. اي چونڊيو.
حافظ محمود، حضرت حماد ﷲ هاليجويءَ جو ننڍي ۾ ننڍو پٽ هو ۽ والد جي وفات کان پوءِ سجادہ نشين ٿيو. 28 اپريل 1990ع تي وفات ڪيائين.
1990.04.28 عيسوي
حافظ محمود اسعد هاليجوي 28 اپريل 1990ع تي وفات ڪئي.