حافظ عبدالستار ڪوريجو

حافظ عبدالستار ڪوريجو

حافظ عبدالستار ڪوريجو

حافظ عبدالستار ڪوريجو: حافظ عبدالستار ولد نظام الدين ڪوريجو، 8 ڊسمبر 1958ع تي ڳوٺ ڪوريجا، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پرائمري اباڻي ڳوٺ مان پڙهڻ بعد لاڙڪاڻي جي مدرسي عربيه اشاعت القرآن ۾ پڙهيو ۽ ٻن سالن ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيائين. مئٽرڪ، انٽر بعد بي ڪام 1986ع ۾ آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ايم. اي (اڪنامڪس: 1989ع)، ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ۽ ايم. اي (سنڌي ادب) ڪيائين. هن 1989ع ۾ بي. ايڊ ۽ 1994ع ۾ ايم. ايڊ گورنمينٽ ايجوڪيشن ڪاليج سکر مان ڪئي. هيءُ 15 مارچ 1983ع تي پرائمري استاد ۽ بعد ۾ هاءِ اسڪول جو استاد مقرر ٿيو. هن لکڻ جي شروعات 86-1985ع ڌاري ڪئي. سندس ڪتاب: (1) رني ڪوٽ يا راني ڪوٽ 2007ع (2) تاريخ سنڌ ساگر (2009ع) ڇپيل آهن. کيس ڪلهوڙا عباسي تنظيم طرفان چوٿون تنوير عباسي ادبي اوارڊ (2005ع) ۽ ٽيچر اوارڊ بہ مليل آهي. سندس مستقل رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.12.08  عيسوي

حافظ عبدالستار ولد نظام الدين ڪوريجو، 8 ڊسمبر 1958ع تي ڳوٺ ڪوريجا، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.


1983.03.15  عيسوي

هيءُ 15 مارچ 1983ع تي پرائمري استاد ۽ بعد ۾ هاءِ اسڪول جو استاد مقرر ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابڙو غلام مصطفيٰ
ڀائو در محمد ٻرڙو
اجمل خان حڪيم
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بابا نيڀراڄ
ڏهراج محمد عبدالعزيز
آنند ٽھلراماڻي
امان ﷲ سومرو
ايس ايم قريشي
ارباب نور محمد راهمون
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون