حافظ شاھہ ناطق حسيني

حافظ شاھہ ’ناطق‘ حسيني: سيد حافظ شاھہ’ناطق‘ حسيني سنڌ جي تاريخي شھر ٽکڙ ۾ 26 فيبروري 1926ع تي جنم ورتو. علمي ماحول سبب ننڍپڻ کان ئي سندس لاڙو شعر ۽ ادب ڏانهن هو. 1954ع ڌاري حيدرآباد اچي مئٽرڪ پاس ڪيائين. ڊي. جي سنڌ نيشنل ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ڪري 1950ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان وڪالت پاس ڪيائين. حافظ شاھہ ’ناطق‘ مضمون نويسي ۽ افسانہ نگاريءَ ۾ بہ چڱو جوهر ڏيکـاريـو. ســندس لکـيـل ڪـتابـن ۾: (1) ’تبـاهـي‘، (2) ’داسـتـان غــم‘، (3) ’ڏوهاري ڪير‘ (1958ع)، (4) ’عورت‘ (1956ع) ۽ (5) ’چلولي‘ شامل آهن. اداري سنڌي ادب ٽنڊي محمد خان جو 15 سال صدر رهيو. سندس شاعريءَ جو دامن غزل جي رنگينيءَ ۽ پختگيءَ سان ڀريل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.02.26  عيسوي

سيد حافظ شاهه’ناطق‘ حسيني سنڌ جي تاريخي شهر ٽکڙ ۾ 26 فيبروري 1926ع تي جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ادريس عاجز عباسي
عادل سخيراڻي
صالح راڄپر وفا
جھانگير هاشمي
ايوب آريسر
رشيد احمد لاشاري
شيخ عبدالسبحان ٺٽوي
صاحب راءِ آزاد
سرور علي سرور سلاوٽ
مراد علي شر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون