حافظ شاھہ ناطق حسيني

حافظ شاھہ ’ناطق‘ حسيني: سيد حافظ شاھہ’ناطق‘ حسيني سنڌ جي تاريخي شھر ٽکڙ ۾ 26 فيبروري 1926ع تي جنم ورتو. علمي ماحول سبب ننڍپڻ کان ئي سندس لاڙو شعر ۽ ادب ڏانهن هو. 1954ع ڌاري حيدرآباد اچي مئٽرڪ پاس ڪيائين. ڊي. جي سنڌ نيشنل ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ڪري 1950ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان وڪالت پاس ڪيائين. حافظ شاھہ ’ناطق‘ مضمون نويسي ۽ افسانہ نگاريءَ ۾ بہ چڱو جوهر ڏيکـاريـو. ســندس لکـيـل ڪـتابـن ۾: (1) ’تبـاهـي‘، (2) ’داسـتـان غــم‘، (3) ’ڏوهاري ڪير‘ (1958ع)، (4) ’عورت‘ (1956ع) ۽ (5) ’چلولي‘ شامل آهن. اداري سنڌي ادب ٽنڊي محمد خان جو 15 سال صدر رهيو. سندس شاعريءَ جو دامن غزل جي رنگينيءَ ۽ پختگيءَ سان ڀريل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.02.26  عيسوي

سيد حافظ شاهه’ناطق‘ حسيني سنڌ جي تاريخي شهر ٽکڙ ۾ 26 فيبروري 1926ع تي جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالواسع ’عبد‘ سُھندڙو
ٺٽوي امام بخش شاھہ فدوي
راشدي زمان شاھہ
امام علي شاھہ
مير عبدالرسول مير ٽالپر
سانوڻ سنڌي
ٻڍل فقير
آخوند فقير محمد عاجز
سوامي سترامداس سڪايل
بيوس رضوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون