حافظ سخي محمد مهراڻ

حافظ سخي محمد مهراڻ

حافظ سخي محمد مهراڻ

حافظ سخي محمد مهراڻ: ناميارو عالم، اديب ۽ ڪاتب حافظ سخي محمد ولد حبيب مهراڻ، 6 آگسٽ 1954ع تي ڳوٺ واوڙي اولڊ، تعلقي ڇاڇري، ٿرپارڪر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. هن قرآن پاڪ استاد حافظ محمد نصير مهراڻ جي نگرانيءَ ۾ حفظ ڪيو. 1972ع کان مختلف موضوعن تي لکڻ شروع ڪيو. مطالعي جي شوق ۾ ڳوٺ واوڙيءَ ۾ لائبرري قائم ڪيائين. سندس سڪندريه لائبريريءَ ۾ هن وقت 16 هزار کان وڌيڪ هر موضوع تي ڪتاب موجود آهن. حافظ سخي مهراڻ حـُر تحريڪ تي بہ ڪافي مضمون لکيا آهن، جيڪي ‘جهونگار’ ۽ ‘منصور’ رسالن ۾ ڇپيل آهن. هي بھترين ڪاتب بہ آهي، ڪيترن ئي ڪتابن جي ڪتابت ڪئي اٿس. ڪراچيءَ جي ادارہ مسعوديه جو سرگرم رڪن رهيو آهي، هن تنظيم پاران حافظ سخي مهراڻ جا ترجمو ڪيل 12 ڪتاب پڻ ڇپيا آهن. حافظ صاحب جو قرآن پاڪ جو فارسي ترجمو پڻ موجود آهي. ان کانسواءِ مخدوم عبدالله منڌري جي مشھور ڪتاب ‘خزانة الابرار’ قلمي نسخو (منظوم) جو جديد سنڌيءَ ۾ اُلٿو ڪيو اٿس.
ڳوٺ واوڙيءَ جي ڪيترن ٻارن کي قرآن پاڪ جي ناظره تعليم پڻ ڏني آهي. هن وقت ضعيفي باوجود علمي ڪم ڪندو رهي ٿو. سندس 15 کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿيا آهن، جن مان طبعزاد ڪتاب هي اٿس:
(1) نصب نامہ مهراڻ، (2) مدرسہ دارالقرآن واوڙي جو تعارف.


لفظ حافظ سخي محمد مهراڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.08.06  عيسوي

ناميارو عالم، اديب ۽ ڪاتب حافظ سخي محمد ولد حبيب الله مهراڻ، 6 آگسٽ 1954ع تي ڳوٺ واوڙي اولڊ، تعلقي ڇاڇري، ٿرپارڪر ۾ ڄائو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد نظر علي شاھہ گدائي
غلام محمد مهيسرعلامه
شيخ محمد حيات سنڌي
راغب اصفهاني امام
قاضي محمد عاقل سنڌي
راشدي مظهرالدين شاھہ
رشدالله شاھہ راشدي علامہ
سامتاڻي نارائڻ هيمن داس
شاھہ ولي ٺٽوي سيد
علي گوهر صديقي مخدوم
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون